ڀاءُ جمن کان ماما جمن دربدر تائين

0
223
متارا مري ويا

  اها  اوڻيھه سئو ڇهانوي سال جي ابتدائي اتر رت جي پهرين شام هئي ،جنهن ۾ هلڪو هلڪو اتر لڳي رهيو هو، ان شام جمن ڀاءُ ساٿين سان سارين جي ڀريل بيل گاڏي تي سوار ٿي شھر ويندي پويان بس جي زوردار ٽڪرلڳڻ ڪري ٻن ٻين ساٿين نور محمد ۽ ھاشم سميت روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو هو،بس بيل گاڏي مٿان مست اٺ وانگي چڙھي ويئي هئي، جنهن سبب نه رڳو جمن ، نور محمد ، هاشم پڙ تي گذاري ويا پر ان سان گڏ ٻه ڍڳا به مري ويا هئا ۽ ڀريل سارين جون ڳوڻيون روڊ ڀرسان کاهي ۾ بيٺل پاڻي ۾ ڪري زيان ٿي  ويون هيون.

                 ڪتي رت جي اها  هڪ لرزندڙ شام هئي، هڪ اهڙي شام هئي جهڙي شام دٻي جي ميدان تي 24 مارچ 1843ع واري شام هئي ، جنهن ۾ ٽالپر حاڪمن جي بهادر سپهه سالار هوش محمد شيدي پنهجي سپاهين سميت انگريزن جي لشڪر سان وڙھندي ماريو ويو هو، اها شام ميسور جي حاڪم فتح علي خان عرف ٽيپو سلطان جي انگريزن سان سخت لڙائي کان پوءِ زخمي حالت۾  قلعي اندر وڃڻ وقت جهڙي شام هئي، ٽيپو سلطان 1783ع ۾ ميسور جو حاڪم بڻيو هو، انگريز هن سان چوٽون کائيندا رهيا، آخري لڙائي ۾ پاڻ زخمي ٿي قلعي ڏانهن وڌڻ لڳو ليڪن انگريزن  قلعو بند ڪري ڇڏيو ،جنهن ڪري انگريزن وٽ پيش پوڻ کان سواءِ ئي وڙھندي 1799ع ۾ ماريو ويو،اها شام ذري گهٽ ان شام جهڙي ھئي جنهن شام دودو سومرو وڳھه ڪوٽ ويجهو دهلي جي لشڪر سان تيرهين عيسوي صدي ڌاري وڙھندي ماريو ويو هو.

جمن ۽ سندس ساٿين جو بس ايڪسيڊنٽ ۾ مارجي وڃڻ جي شام سنڌ ۽ هند جي بهادر ڪردارن جي موت وارين شامن سان ان ڪري به ڀيٽڻ غلط نه ٿيندي، ڇاڪاڻ ته هو نج ٻھراڙي جو اهو ارڏو ڪردار هو، جيڪو وطن تان وارجڻ کي عظيم سمجهندو هو، جنرل ضياءَ جي مارشلا دوران جتي سنڌ ۽ سيد جو نالو وٺڻ ڄڻ ڪاريهر تي پير ڏيڻ برابر هو، ان وقت هن ڪيترن ئي موقعن تي سنڌ دشمن ڪردارن سان مهاڏو اٽڪائي جيل ياترا ڪئي هئي ۽ هڪ دفعي جيئي سنڌ تحريڪ جي احتجاج دوران هن سخت مزاحمت ڪندي شھر ۾  پوليس جي مٿان لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو هو ،جنهن جي نتيجي ۾ کيس گهڻو لوڙڻو پيو، گرفتار ٿيو ۽ گرفتاري دوران پاڻ مٿان پوليس جو سخت تشدد به  برداشت ڪيو، هوجيتوڻيڪ ماما جمن دربدر وانگي نه شاعر هو ۽ نه ئي قومي فنڪار پر سندس وجود ۾ سنڌ جي محبت ڪنهن کڙ کٻيتي وانگر سدائين جرڪندي هئي. جڏھن جمن ڀاءُ  ضيا جي خطرناڪ مارشلا دوران سنڌ جي ڳالهه ڪندي جيل ۾ ھجي ٿو ته ان وقت ماما جمن دربدر جو اهو گيت “وٺي جنم ھر هر وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو” شھرن، مسافرخانن ۽  ڪارخانن جي ڀتين تي لکيل نظر ايندو هو. ماما جمن جي سائين جي ايم سيد سان پهرين ملاقات ئي اهڙي پر سوز هئي، جنهن ۾ هو سنڌ ۽ سيد جو عاشق ٿي ويو، جنهن بعد هو جهر جهنگ سندس فڪر  جو پرچار ڪرڻ لڳو. هوٻڌ مت جو ڀکشوئن جيان رولاڪ ٿي ويو، هن جي روح کي چين سنڌ جي وڏين وڏين ڀٽن ، جابلو چوٽين ،سنڌو جي ڪنارن ۽ ڊگهن گهاٽن وڻن ۾ ايندو هو، سندس اوطاق جي اڳيان به هڪ گهاٽو نم جو وڻ موجود آھي، جتي سندس تڪيو هوندو هو. جمن دربدر جي شاعري کان گهڻو مٿي هن جو حب الوطني جو ڪردار، مهمانوازي ۽ سڀاءَ هو. هن سان ڪيئي سال اڳ  شايد ڪنهن مشاعري ۾ ڪا رسمي ملاقات ٿي به هجي  پر اها ملاقات ايتري ته ڌنڌلي ٿي ويئي جو هاڻي ياد نه ٿي رهي.هن سان ويجهڙائي ۾ ڪچهري جو خيال جاڳيو جڏھن سندس تفصيلي انٽرويو “ٽائيم نيوز ”چينل تي هليو، هونئن ته  آئون هر سال ٿر جا مختلف علائقا گهمڻ ويندو آھيان ليڪن هيل سال مسلسل برساتن پوڻ ڪري وڃي نه سگهيس ، جنهن ڪري ماما جمن دربدر سان ڪچهري نه ٿي سگهي ۽ ان کان اڳ هو دارالبقا ڏي هليو ويو. منهنجي خيال ۾ ماما جمن دربدر کان  سنڌي ٻولي جا ٻيا ڪافي وڏا شاعر آيا ۽ پنهنجو وارو وڄائي هليا ويا پر جيڪا جيئري توڙي موئي ماما جمن کي محبت ملي اهڙي شايد ڪنهن کي ملي هجي. هن ٿر جي وارياسن ڀٽن ۽ وڻن ۾ رهندي محبت جو جيڪو مچ ٻاريو هو،ان جي روشني اونداهين کي گهڻو دور ڌڪي ڇڏيو هو. ٿر جي ان ڳوٺ جي پهرين سڃاڻپ روحل فقير زنگيجي جي نالي پٺيان پيئي، جڏھن ته ٻي سڄاڻپ جمن دربدر جي نالي پٺيان آھي. روحل فقير زنگيجو  جي جنم پدمات جي پٽ ۾ 1733ع ڌاري شاهو زنگيجي جي گهر ۾ ٿيو، اهو ڳوٺ شايد هاڻي روحل واءَ سڏجي ٿو، روحل فقير ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي حڪومت ۾ وزير به رهيو هو، هو صوفي ۽ ويدانتي شاعر ھو ،هندي ۾ سندس شاعري جا ڪتاب “من پرٻوڌ” “آگم وارتا”،“ سرٻ گيان” ۽ “اڌ ڀت گرنٿ” آھن.

 ماما جمن دربدر جو ڪتاب “وٺي جنم مٺا وربو” ويجهڙائي ۾ پڌرو ٿيو آھي،سندس باقي  مواد  يقينن ڇپائي لاءِ موجود هوندو،جيڪو ڇپجڻ گهرجي.

ڀاءُ جمن ته جواني ۾ ھليو ويو، ليڪن ماما جمن ڀرپور زندگي ماڻي پوءِ موڪلايو،هن وقت جڏھن آئون جمن جي نالن جي ڪنٺي کي ڦلوري رهيو آھيان ته هڪ ٻيو جمن به ياد پيو اچي، اهو هو جمن فقير مڱڻھار، جيڪو مون تڏھن ڏٺو هو ،جڏھن ضياءَ جي مارشل لا جو دور هو،  ان دوران هو ڪڏھن ڪڏھن صوبيدار جا حڪم اڇي پني تي اتاري دهل وڄائي ماڻھن جو ڌيان ڇڪائي پڙھو گهمائيندو هو. سڀني ماڻھن کي اطلاع ٿو ڪجي ته پنجن ماڻھن جي گڏ ٿيڻ، احتجاج ڪرڻ  ۽ نعريبازي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي،هو ايئن چوندو دهل وڄائيندو اڳيان پيو ويندو هو.جمن فقير شادين، ميلن ۽ ملاکڙن ۾ به دهل وڄائيندو هو، هو ڀونگري ۾چرس وجهي پيئندو هو،جڏھن دونهين جي لاٽ نڪ مان ٻاهر ڪڍندو هو ته ايئن لڳندو هو گويا شگر مل جي چمني کي باهه لڳل هجي،ڀونگري ڇڪڻ جي ڪري هن جو چهرو ۽ مٿي جا وار ڪاراٽيل نظر ايندا هئا، هو پڙھا گهمائي، دهل وڄائي ڪڏھن گذاري ويو ، ان جي ته ڪائي خبر ناهي، هو هڪ دور ۾ آيو ۽ ھليو ويو. هرڪو اچي ٿو۽ پنهنجو ڪردار ڇڏي هليو وڃي ٿو، آئون جمن جي نالن جي ڪنٺي کي ڦلهورڻ بند ڪري چوان ٿو.

 تو جي ڪيا ڪارا پنا

سڀ فنا،  سڀ فنا