ملير (رپورٽر) شاهه لطيف جي علائقي يوسف عارفاڻي ڳوٺ ۾ پلاٽ جي مالڪي تان ٻن ڌُرين ۾ تڪرار، لٺيون ۽ پٿر لڳڻ سبب 8 ڄڻا زخمي، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. خبر موجب شاهه لطيف ٿاڻي جي حد يوسف عارفاڻي ڳوٺ ۾ پلاٽ جي تڪرار تان مري برادريءَ جي ٻن ڌُرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ لٺيون ۽ پٿر لڳڻ سبب ٻنهي ڌُرين جا 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ بالاج خان، ثناءُ الله، بهادر علي، ظهور، رحمان، وزير سلطان ۽ شوڪت شامل آهن، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ضروري ڪارروائي بعد زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو.