سنڌ يونيورسٽي ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي پهرين جولاءِ تائين ملتوي

0
236

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڪرپشن جي خاتمي واري خاص عدالت سنڌ يونيورسٽي ڪرپشن ڪيس جي شنوائي پڪو چالان پيش نه ٿيڻ سبب پهرين جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. شنوائي دوران عبوري ضمانت حاصل ڪندڙ اڳوڻو وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت، رياض الدين قريشي, اويس يوسفزئي, اسماعيل ڪلهوڙو, نويد اختر, شمشاد شاه سميت لڳ ڀڳ 50 جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت جو اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان اڃا تائين ڪيس جو پڪو چالان ڇو نه پيش ڪيو آهي؟ جاچ آفيسر سيف الله هاليپوٽو جو عدالت کي جواب ڏنو ته ڪيس ۾ مختلف معاملا ڏسڻ لاءِ ٽيڪنيڪل ڪميٽي جوڙي هئي ان جي اڃا تائين رپورٽ نه آئي آهي ان ڪري مهلت ڏني وڃي ته جيئن رپورٽ جي آڌار تي پڪو چالان ٺاهي عدالت ۾ پيش ڪري سگهون. درخواستگذارن جي وڪيل چيو ته آگسٽ 2020ع ۾ اينٽي ڪرپشن يونيورسٽي جي وائيس چانسلر استادن توڙي ملازمن ۽ ٺيڪيدارن تي ڪيس داخل ڪيو هو 10 مهينا ٿي ويا آهن اڃا تائين سندن جاچ مڪمل نه ٿي آهي، ڪيس ۾ ڪجهه به نه آهي استادن کي انتقامي ڪاروائي جو نشانو بڻائڻ لاءِ مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو هو ان لاءِ سندن پڪي ضمانت منظور ڪئي وڃي.عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس جي شنوائي پهرين جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.