ملير مان کنڀي گم ڪيل نياز اڄڻ بازياب نھ ٿيو، سپريم ڪورٽ پاران ڪاوڙ جو اظھار

0
226
گجر، اورنگي ۽ محمود آباد نالن جي متاثرن جي معاوضي بابت ڪيس، ميئر ۽ ٻيون ڌريون طلب
گجر، اورنگي ۽ محمود آباد نالن جي متاثرن جي معاوضي بابت ڪيس، ميئر ۽ ٻيون ڌريون طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملير پوليس 6 سال گذري وڃڻ باوجود کنڀي گُم ڪيل نياز اڄڻ کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام، سپريم ڪورٽ طرفان سُکڻ پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي دوران نياز اڄڻ جا وارث اوڇنگارون ڏئي روئي ويٺا، پوليس جاچ بابت عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهي، عدالت ايس ايس پي ملير کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته رياست توهان کي شهرين جي تحفظ جي ذميواري ڏني آهي، توهان پنهنجي ذميواري پوري نه ڪري سگهيا آهيو، پوليس ۽ جي آءِ ٽيز هڪ شهري جو پتو لڳائڻ ۾ ناڪام ڇو ٿي رهيون آهن؟ عدالت ملير پوليس کان ٽن هفتن ۾ اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي، نياز اڄڻ 2016ع ۾ ملير جي ڀينس ڪالوني مان غائب ٿي ويو هو…