مقصودو رند (ن پ ا) درياءَ خان رند ايٽ مقصودو پوليس ٿاڻي جي حد ۾ مقصودو رند لڳ ڳوٺ سومر خاصخيلي ۾ خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي زميني تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو. لٺيون، سريا ۽ سروٽا لڳڻ ڪري ٻه ڄڻا اياز خاصخيلي ۽ رياض خاصخيلي سخت زخمي ٿي پيا. زخمين کي پوليس ليٽر ڏئي سمس اسپتال شھدادپور ڏانھن اماڻي ڇڏيو. جڏھن ته آخري اطلاعن تائين جھيڙي جو اڃا تائين ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.