رپڙي (ن پ ا ) صادق ڪلھوڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ صادق ڪلھوڙو ۾ معمولي منهن ماري تان عبدالحفيظ، فتح محمد، علي خان ۽ ٻين ڪڻڪ جي ول گڏ ڪندڙ پورھيتن مٿان حملو ڪري لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ امير علي، عمران علي، تنوير علي سخت زخمي ٿي پيا جن کي گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته امير علي ڪلھوڙو جي فرياد تي صادق ڪلھوڙو ٿاڻي تي عبدالحفيظ، فتح محمد علي خان ڪلھوڙو سميت 12 جوابدارن مٿان اين سي داخل ڪرائي وئي آهي.