قاهرا (انٽرسٽنگ نيوز) مصر ۾  بادشاهه “ابولهول” جهڙو کلندڙ مجسمو  دريافت ٿيو آهي. قديم ماڳن جي کوٽائي دوران مليل مجسمو رومي بادشاهه ڪلاڊيئس جو هجڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. ماهرن موجب قاهره کان 450 ڪلوميٽر پري ڏکڻ ۾ مليل دنديرا نالي مقدمي مان هي مجسمو هٿ آيو آهي، جيڪو ڪلاڊيئس جو ٿي سگهي ٿو، جنهن 42کان 54 عيسوي دورنا رومي سلطنت کيآفريڪا تائين وڌايو هو. رومي بادشاهه ڪلاڊيئس جو هي مجسمو ابو الهول کان متاثر ٿي ٺاهيو ويو. هن مجسمي سان گڏ پٿر به مليو آهي جنهن تي ڪيتريون ئي نشانيون ۽ هيرو غلافي (قديم تصويري تحرير) جا لفظ اڪريل آهن. اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته مطالعو ڪرڻ سان ان وقت جي روم ۽ ڪلاڊيئس بابت ڄاڻ وڌندي. ياد رهي ته ابوالهول جو مجسمو 20 ميٽر ڊگهو هو پر هي مجسمو ننڍڙي مورتيءَ جيان نظر اچي ٿو.