ميڊرڊ (انٽرسٽنگ نيوز) اسپين ۾ 25 سالن تائين گھر جو ڪم ڪرڻ تي زال کي معاوضو ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته مڙس پنهنجي اڳوڻي زال کي 2 لک 18 هزار ڊالر ادا ڪرڻ جو پابند هوندو: عدالتي فيصلو عورت جي درخواست تي ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ فريادڻ عورت ڄاڻايو آهي ته 25 سالن تائين مڙ سان رهيس، ان دورا ڪا نوڪرياڻي هجي ها ته لکين ڊالر وٺي ها:  شادي کان پهرين سٺي نوڪري به هئي، وڏي پگھار ملندي هئي، پرڻي بعد گھر جي ڪمن ۾ لڳي ويس. عورت موجب 1995ع کان 2020ع تائين هن جي شادي رهي. هن چيو ته شادي دوران مون گھريلو نوڪرياڻي وانگر ڪم ڪيو هاڻي ان جو معاوضو ڏنو وڃي.