مسلمان عورت خطرناڪ ڪرتب ڏيکاري حيران ڪري ڇڏيو

0
223

لاس اينجلس(دلچسپ نيوز) مسلمان عورت خطرناڪ ڪرتب ڏيکاري حيران ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ سارا مدلل عمارتن تان جمپ ڏئي ٿي، چاڙهين تي تيزي سان چڙهي ۽ وري آساني سان هيٺ لهي وڃي ٿي. سندس اهڙن ڪرتب ڏيکارڻ تي دنيا حيران ٿي وئي آهي، سارا جون تصويرون وائرل ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا تي سندس چرچا آهن صارفين کيس ساراهي رهيا آهن. ان حوالي سان سارا مدلل جو چوڻ آهي ته روزانو صبح جو 4 کان 6 ڪلاڪ ورزش ڪندي آهيان. خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته مسلمان عورتن بابت ڏنل راءِ کي بدلائڻ چاهيان ٿي.