مري (م ڊ) مري گليات روڊ تي ڪوسٽر ۽ مسافر وين جي ڊائيورن جي ريس 8 زندگيون کسي ورتيون، تيز رفتاري سبب  ڪوسٽر ڊرائيور گاڏي تي ضابطو نه آڻي سگهيو، ڪوسٽر کاهي ۾ ڪرڻ سبب 8 ڄڻا فوت ٿي ويا، 18 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، لاشن ۽ زخمن کي تعلقي اسپتال مري منتقل ڪيو ويو، ريس ۾ شريڪ مسافر وين جو ڊرائيور فرار ٿي ويو، وين جي سڃاڻپ ۽ ڊرائيور جي ڳولا جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.