مدئجي: سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن سنڌ حڪومت جا حڪم رد ڪري اسڪول کولي ڇڏيا

0
472

مدئجي (رپورٽر) مدئجي ويجهو ڳوٺ انڙ ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن طرفان قائم ٿيل اسڪول انتظاميا سنڌ حڪومت جي حڪم کي هوا ۾ اڏائي ڇڏيو، سنڌ حڪومت طرفان ڪرونا وائرس کان بچاء بابت اسڪول بند رکڻ جي فيصلي کي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ڳوٺ انڙ جي انچارج فياض حسين کهاوڙ طرفان حڪومت جي فيصلي کي انڪار ڪندي اسڪول کولي ڇڏيا آهن جڏهن ته اسڪول ۾ وڏي انگ ۾ شاگرد تحليم حاصل ڪري رهيا آهن جتي ايس او پيز تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي، ميڊيا جي ٽيم طرفان اسڪول پهچڻ تي اسڪول ۾ موجود شاگردن ٻڌايو ته اسان جا اسڪول ڪرونا وائرس جي موڪلن ۾ بند نه ٿيا آهن اسان کان انچارج ڪرونا وائرس کان بچاء بابت ڪيل لاڪڊائون جي اڙ ۾ 800 کان هڪ هزار مهيني جي فيس ورتي ويندي آهي هوڏانهن اسڪول ۾ موجود استادن جو چوڻ آهي ته اسان کي پنهنجي انچارج ۽ پرنسپال جو حڪم آهي ته اسڪول هلايو ڪو به شڪايت نه ڪندو نه هي اوهان ڪنهن کان ڍڄو جنهن ڪري اسان اسڪول کوليا آهن ساڳئي اسڪول ۾ موجود هڪ استاد جو چوڻ آهي هو ته توهان کي جيڪو لکڻو آهي لکو اسان اسڪول بند نه ڪنداسين، ميڊيا جي ٽيم پهچڻ تي هڪ سينيئر استاد طرفان سمورن استادن کي هڪ ڪمري ۾ بند رکيو ويو ۽ ميڊيا تي اچڻ نه ڏنو ويو، ميڊيا جي ٽيم پهچڻ تي استادن طرفان شاگردن کي اسڪول مان موڪل ڏئي روانو ڪيو ويو، ٻئي طرف حڪومت طرفان اسڪول جي سيميس ڪوڊ جو لڳايل بورڊ اسڪول ۾ موجود چوڪيدار لاهي فرار ٿي ويو ۽ انچارج طرفان موقف ڏيڻ بجاءموبائيل فون بند ڪري ڇڏيو.