ڪراچي(نمائندن وٽان) مختلف شهرن ۾ گيسٽرو وگهي 5 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي گيسٽرو ۾ مبتلا. ان سلسلي ۾  ٺاروشاهه جي ڳوٺ سونھارو چانڊيو ۾ 22 ورهين جي بينظير چانڊيو ۽ ڳوٺ عبدالرحيم ٻاٺ ۾  22 ورهين جو عطا محمد ٻاٺ  گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويا،  جڏهن ته ڪيترائي ڳوٺاڻا گيسٽرو ۾ مبتلا آهن. هوڏانهن قصبو ڪاڇي جي ڳوٺ صوڀو دولتاڻي ۾ معصوم ٻارڙي سميرا ڌي خان لغاري  گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويئي آھي ھڪ ئي ڳوٺ ۾ گيسٽرو سبب فوتي ٻارڙن جو تعداد ٽي ٿي ويو آھي جڏھن تـ قصبو ۽ آس پاس ۾ 9 ٻارڙا گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويا آھن  جتي صحت کاتي پاران اڃا تائين ڪي بـ ٽيمون ناھن پھتيون.  ٻئي طرف ڪاڇي اندر گيسٽرو تي ضابطو نه اچي سگهيو وڌيڪ ٻه ٻارڙا فوت ٿي ويا.فوتين جو انگ وڌي 17 ٿي ويو. ان ڏس ۾  ڪاڇي مراد جمالي جو رهواسي چاڪر جمالي جو ست سالا احمد جمالي گيسٽرو وگهي فوت ان کان علاوه يوسي ساوڙو جي ڳوٺ وڏيرو عيسيٰ خان جو رهواسي پورهيت غلام مرتضيٰ رودناڻي جو 7 سالا ٻارڙو زاهد حسين رودناڻي به گيسٽرو وگهي فوت هن مهل تائين پنهنجي اخبار تائين پهتل ڊيٽا متعلق گيسٽرو ۽ ٻين پيٽ جي بيمارين سبب 17 ماڻهو فوت ٿيا آهن فوتين ۾ اڪثريت معصوم  ٻارڙن جي آهي. سڀني فوتين جا نالا لسٽ ۾ موجود آهن  صحت کاتو دادو جي لاپرواهي سبب ڪاڇي اندر موجود بي ايڇ يو ساوڙو. ڇني. شاه حسن. مراد جمالي. سينٽر بند پيل آهن تعلقي جوهي جي صرف  يوسي ساوڙو مان ٻن هفتن دوران 10 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن پر بي ايڇ يو اسپتال ۾ هن وقت نه ايم بي بي ايس ڊاڪٽر موجود آهي نه ڪو ٻيو ضميوار ملازم موجود آهي. ڪاڇي واسين هن وقت سخت تڪليف واري مرحلي مان گذري رهيا آهن. ٻوڏ سبب واٽر سپلائي اسڪيمون خراب هجڻ ڪري رهواسي برساتي پاڻي واپرائي تي مجبور آهن جنهن سبب گيسٽرو تيزي سان وڪوڙي رهي آهي. ٻئي طرف خيرپور ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ گيسٽرو تي ڪنٽرول نه ٿي سگهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 74 ٻارڙن کي سٽي اسپتال خيرپور داخل ڪيو ويو. اسپتال داخل ڪيل ٻارن ۾ نصيبان، فرزانه، زبير، نور فاطمه، فيصل، اسامه، ڪرينا، بشير، زينب، نفيسه، نگهت، علي شاهه، راشد، حسنين، مجيب، علي رضا ۽ ٻيا شامل آهن. هوڏانهن وڏي تعداد ۾ گيسٽرو سبب ٻارن کي اسپتال داخل ڪرڻ سبب بيڊن جي کوٽ برقرار آهي جنهن سبب هڪ بيڊ تي ٻن کان ٽن ٻارڙن کي داخل ڪيو ويو آهي.  کورواهه ۾ برسات کانپوءِ گيسٽرو جا هاڃا جاري آهن. ڳوٺ نم جت کانپوء گيسٽرو جي بيماري ڳوٺ حاجي مير محمد ٻاڪڙ ۾ ڪاهي پئي 20 مريض گيسٽرو جي بيماري ۾ وٺجي ويا مريضن ۾ ٺارو ٻاڪڙ.حاجي صالح ٻاڪڙ.حبيب ٻاڪڙ. اسلم ٻاڪڙ. عظيم ٻاڪڙ. غلامحمد ٻاڪڙ. مير ٻاڪڙ سميت مرد عورتون شامل ڳوٺاڻن لکاڏنو ٻاڪڙ ٺارو ٻاڪڙ ۽ ٻيا شامل آهن، جن پهنجي اخبار کي ٻڌايو ته برسات کانپوء گندگي سبب مڇرن ۽ مکين ۾ اضافو ٿيڻ سبب گيسٽرو ۽ مليريا جي بيماري ۾ اضافو ٿيو آهي هنن چيو ته اسانجي ڳوٺ جا ڪيترائي مريض گيسٽرو ۾ ورتل آهن جن جو علاج هلندڙ آهي. اسپتال جي ڊاڪٽر غلام عباس خواجه ٻڌايو ته گيسٽرو ۾ ڪافي حد تائين گهٽتائي اچي وئي آهي مريضن کي دوائون ڏئي رهيا آهيون.