ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب 2 معصوم ڀائر فوت، سندن والدين جي حالت به خراب، اسپتال منتقل، ان ڏس ۾ فيڊرل بي ايريا بلاڪ 14 ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب 2 ڀائر 10 ورهين جو نورالعين ۽ 13 ورهين جو حسنين فوت ٿي ويا. جڏهن ته سندن والدين عابد علي ۽ مينا جي حالت خراب ٿي وئي، جن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي.