ٺٽو ( رپورٽر)  ٺٽو واسي نوجوان 2 دوست ڪنڌڪوٽ ۾ مبينا طور تي اغوا ٿي ويا آهن. اصغر سمون ۽ ان جي دوست 103 موري واسي رفيق شورو جي وارثن ڄاڻايو آهي ته 3 ڏينهن اڳ ٻئي ڄڻا دوستن وٽ گھمڻ لاءِ ڪنڌ ڪوٽ ويل هئا جتان کين موبائيل فون ڪري ٻڌايو ويو آهي ته ٻنهي نوجوانن کي ڪنڌ ڪوٽ پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، ڪاشف سمون ٻڌايو ته هنن پاران ڪنڌڪوٽ پوليس سان پڻ رابطو ڪيو ويو پر پوليس سندن موجودگي کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪئي آهي. ٻنهي نوجوانن جي اغواءَ جو شڪ ظاهر ڪندي چيو آهي ته کين فون ڪري ٻنهي نوجوان جي بازيابي لاءِ 8 لک رپيا طلب ڪيا ويا آهن. وارثن موجب هو غريب پورهيت آهن وٽن ايتري رقم ناهي جڏهن ته هنن ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي ايس ايس پي ۽ ٻين وس واران کان ٻنهي نوجوانن جي بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي هوڏانهن ذريعن وٽان اهو به معلوم ٿيو آهي ته ڪنڌڪوٽ ويل ٻنهي ٺٽو واسي نوجوانن کي ڪنڌڪوٽ جي پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي جڏهن ته اهي به چوٻول عام آهن ته ڪنڌ ڪوٽ پوليس تحويل ۾ ورتل ٻنهي نوجوانن کي ڪنڌڪوٽ جي پوليس پاران (اڄ) ٺٽو پوليس حوالي ڪيو ويندو.