مختصر ڪهاڻي … چرين ٺاهڻ جي مشين

0
155

 نفسياتي ڊاڪٽر يعني ذهني مريضن جو ڊاڪٽر

مريض ڏسندو رهيو، سفيد پنن تي پين کي ڊڪندڙ گهوڙي جيان ڊوڙائيندو مريضن لاءِ دوائون لکندو رهيو!

مريضن جي نه کٽندڙ قطار نه رڪجي سگهي پر ڊاڪٽر جي ڪلينڪ جو وقت ان ڏينهن پنهنجي پڄاڻي تي پهتو!

ڊاڪٽر سان گڏ سندس ڪلينڪ تي هڪ دوست ويٺو هيو جنهن کي هلڪي اڇي ڏاڙهي جسم ڀريل هيس جيڪو ڊاڪٽر سان مخاطب ٿيندي چوڻ لڳو “ڊاڪٽر هي جيڪي چريا ٿين ٿا اهو سمورو قصور انهن جو آهي اڪثر ذهني مريضن کي  مان ڏٺو آهي نشي جي ڪري ٿين ٿا منهن خراب ڪري نفرت واري انداز ۾ چيائين ته اهي نشا ڪري ڪري خشڪ ٿا ٿي وڃن!

يا اهي پاڻ گهڻو سوچي سوچي جذباتي ٿي ٿا وڃن ۽ پوءِ ذهني توازن وڃائي ٿا ويهن، مان سمجهان ٿو ته اهي پنهنجو پاڻ کي ٿا ذهني مريض (چريو) بڻائي ڇڏين!

ڊاڪٽر پين چپ تي رکي هلڪي مسڪراهٽ ڏيندي چوڻ لڳو چريو ۽ نشائي ڪير به پنهنجو پاڻ ناهي ٿيندو ان ۾ اسانجي سماج جي ماڻهن جا رويا اهڙا هوندا آهن، جذبا ته انسان جي اندر هوندا آهن جي اهي نه هجنس ته پوءِ انسان مشين بڻجي ويندو!  ڪير ڪنهن سان محبت ۾ دوکا ٿو ڪري ته ڪير ڪنهن سان رشتن ۾ دوکا ٿو ڪري ته ڪير ڪنهن سان دوستي ۾ دوکا ٿو ڪري، جذباتي ماڻهو پنهنجي اندر ۾ محبت جو جذبو کڻي وڃي ٿو موٽ ۾ ان محبت جي جذبي کي نفرت ملي ٿي ۽ ماڻهو ٻئي جي محبت مان پنهنجو مطلب حاصل ڪري سندس روح کي ويراني ۾ اڇلن ٿا اتان ڪي پخطا ماڻهو ئي ان ويراني مان پنهنجو دڳ ڳولهي واپس پنهنجي آستاني تي پڄن  ٿا، باقي اڪثر ته راھ وڃائجي اچي منهنجي ڪلينڪ تي پهچن ٿا، سو وڏي ڳالھه ته اسانجو سماج سڄو نفسياتي مريض ٺاهڻ جي مشين بڻجي ويو آهي. اسان ئي آهيون جيڪي چريا ٺاهيندا آهيون. (فيس بوڪ تان ورتل)