سوال/سروي … سنڌ جي شهري آبادي ٻهراڙي کان وڌيڪ ڏيکارڻ سنڌ واسين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي: عوام پاران ڊيموگرافڪ رپورٽ رد

0
202

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ جي شهري آبادي ٻهراڙي کان 23 لک وڌيڪ ظاهر ڪئي وئي آهي، صوبي جي ڪل آبادي سوا 5 ڪروڙ ٿي وئي آهي، حڪومت پاران جاري ڪيل انهن تفصيلن کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سنڌ کي ايم ڪيو ايم جي خواهشن تي ورهائڻ جي سازش ٿي رهي آهي سنڌين جي اڪثريت کي ختم ڪري کين اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي جنهن کي اسان سنڌ دشمن سمجهون پيا ۽ اسان ايم ڪيو ايم جي ڏنل آدمشماري جي انگ اکرن کي رد ڪيون ٿا، شفاف آدمشماري ٿئي ته ٻهراڙي شهرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آبادي رکندڙ آهي، هٿ ٺوڪيا انگ ملائي شهري آبادي کي وڌائڻ واري انجنيئرنگ کي اسين نٿا مڃون شفافيت واري مردمشماري ڪئي وڃي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ماجد سمون لکيو ته اڳتي ھلي صوبو ٺاھڻ جو انتظام ئي آھي ، ھڪ ڏينھن ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت ۾ ڌاري لوڌ اچي ويندي، گل حسن شر لکيو ته ان سان ٻھراڙين جي ڪوٽا گھٽ ٿيندي اتحادي ايم ڪيو ايم کي سدائين شھرن ۾ ٻھراڙين جا ماڻھو کٽڪندا ھيا ھاڻي سندن مطالبو پورو ٿي ويو آھي، ممتاز علي سميجو لکيو ته اهي هٿ ٺوڪيا انگ اکر آهن 2017 ۾ شهري آبادي گهٽ هئي، جنهن تي اعتراض ڪيو ويو ٽن سالن ۾ 23 لک 68 هزار 122 جو اضافو پنهنجن مفادن لاءِ ڪيو ويو آهي جيڪو لساني تنظيم جو مطالبو پڻ رهيو آهي شفاف آدمشماري ٿئي ته ٻهراڙي شهرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آبادي رکندڙ آهي ٻهراڙي ۾ رهندڙ اڪثريت غيرتعليم يافته آهي جنهن جا سرڪار وٽ ڪي به انگ اکر نه آهن ٻهراڙين ۾ اڳ ئي سهولتن جو فقدان آهي ويتر آبادي جي لحاظ کان ٻهراڙي وارن جا حق غضب ڪيا ويندا . عامر ڪلھوڙو لکيو ته شهري آبادي۾ واڌ ڏيکارڻ جو سبب پناھگيرن جون تيزرفتاري سان ايندڙ کيپون آهن، جيڪي به سڀ سنڌي لکيا پيا وڃن. موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي، اهو محسوس ڪجي، ته اڳتي هلي اسان کي اڃان وڌيڪ اذيتون ڀوڳڻيون پونديون….!!ذوالفقار علي راهمون لکيو ته مهاجرن کي سنڌ جي وڏن شھرن جي ميئرشپ ڏيئي انهن جي حوالي ڪرڻ لاءِ قانوني طرح سنڌ جي ٻھراڙ وارن کي سرمو وجهڻ جو آسان طريقو ڳولهي ڪڍيو اٿن، اها سنڌ دشمن پاليسي آھي، سجاد جمالي لکيو ته  اھا واقعي ناانصافي آهي، موهن لال لکيو ته سنڌ ٻهراڙي جي آبادي شهري آبادي کان وڌيڪ آهي انهن کي فيملي پلاننگ متعلق خبر ناهي ۽ گهڻا ٻار پيدا ٿيندا آهن اهو رڪارڊ سرڪاري سطح تي ناهي باقي هٿ ٺوڪيا انگ ملائي شهري آبادي کي وڌائڻ واري انجنيئرنگ کي اسين نٿا مڃون شفافيت واري مردمشماري ڪئي وڃي ته سنڌ ٻهراڙي جي آبادي اڄ به گهڻي آهي، قمبير احمد جوکيو لکيو ته شھري آبادي وڌائڻ صرف ڪاغذن تائين محدود ۽ هڪ هٿ ٺوڪي سازش آهي، قادر بخش زئور لکيو ته آدمشماري ۾ سنڌ جي انگ اکرن سان وڏي ڦيرڦار ڪئي وئي ھئي ھاڻ شھري آبادي ظاھر ڪئي اٿن جن ۾ حڪومتي ڌر جا پنھجا مفاد به آھن ۽ سنڌين کي به فائدو ٿيندو،باقي ٻھراڙين جا انگ اکر به ظاھر ڪرڻ گھرجي، شفقت علي جروار لکيو ته سنڌ جون ٻهراڙيون هٿ سان تباهه ڪيون پيون وڃن بي روزگار عوام بکون ڪاٽي شهرن ۾ مزدوريون ڪرڻ تي مجبور آهي ٻهراڙي جي بنيادي مسئلن کان وڌيڪ شهري مسئلن کي ترجيح ڏني وڃي ٿي ڇا ٻهراڙي ۾ رهندڙ انسان ناهن، گلاب غازي لکيو ته ڪوڙ تي ٻڌل انگ اکر آھن سنڌ ۾ ٻھراڙي جي ڳوٺن کي ٽائونن سان ملائي شھري آبادي ڏيکاري وئي آھي جنھن سان اڳئي ئي ٻھراڙي جي عوام جا حق ۽ بنيادي مسئلا حل نٿا ڪيا وڃن. زاهد محمد صالح مگسي لکيو ته ڳالھه اسان جي سمجھه کان ٻاھر آھـي. آخر سنڌ حڪومت ايم ڪيو ايم جا مطالبا مڃي ورتا آھن، محمد يونس بوزدار لکيو ته سنڌ کي ايم ڪيو ايم جي خواهشن تي الڳ ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي سنڌين جي اڪثريت کي ختم ڪري کين اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي جنهن کي اسان سنڌ دشمن سمجهون پيا ۽ اسان ايم ڪيو ايم جي ڏنل آدمشماري جي انگ اکرن کي رد ڪيون ٿا، ثناءُالله چنا لکيو ته شهري آبادي وڌائڻ وارو مطالبو ايم ڪيو ايم وارن جو هو جيڪو سنڌ حڪومت پورو ڪيو هاڻي ٻهراڙي وارن جا حق مارڻ ۽ انهن کي نوڪرين ۽ ٻين ترقياتي اسڪيمن ۾ نظرانداز ڪرڻ جو پلان تيار ڪيو ٿو وڃي. محمد فياض وساڻ لکيو ته سنڌ ۾ وڌيڪ آبادي آهي انگ اکر غلط آھن هميشه ٻھراڙي وارن سان ناانصافي ٿئي آھي سنڌ جون ٻهراڙيون هٿ سان تباهه ڪيون پيون وڃن، بيروزگار عوام بکون ڪاٽي شهرن ۾ مزدوريون ڪرڻ تي مجبور آهي ٻهراڙي جي بنيادي مسئلن کان وڌيڪ شهري مسئلن کي ترجيح ڏني وڃي ٿي ڇا ٻهراڙي رهندڙ انسان ناهن؟ عبدالعليم کوکر لکيو ته اصل ۾ سنڌ ۾ بلڪل ننڍن ننڍن شهرن کي به شھري آبادي ڊڪليئر ڪيو سنڌ سرڪار ان لاءِ ٻيو ته سنڌ پوين 30 سالن کان لڏ پلاڻ گھڻي ٿي آهي ان لاءِ به، عبدالستار شر لکيو ته شھري آباديءَ کي وڌائڻ وارو مطالبو ھڪ لساني تنظيم جو ھيو جيڪو پيپلزپارٽي ھاڻي مڃيو آھي.خاموش خليل شر لکيو ته سنڌ جي ٻھراڙين جي آدمشماري گهٽ ھئڻ ڪري بنيادي مسئلا نه هجڻ جو سبب آھي، نارائڻ داس لکيو ته سراسر ناانصافي آھي، ابراهيم لنڊ لکيو ته اهي انگ اکر غلط آھن هميشه ٻھراڙي وارن سان ناانصافي ٿئي آھي، وفا وزير پنهور لکيو ته سنڌ جون ٻهراڙيون هٿ سان تباهه ڪيون پيون وڃن بي روزگار عوام بکون ڪاٽي شهرن ۾ مزدوريون ڪرڻ تي مجبور آهي ٻهراڙي جي بنيادي مسئلن کان وڌيڪ شهري مسئلن کي ترجيح ڏني وڃي ٿي ڇا ٻهراڙي م رهندڙ انسان ناهن، عرفان علي چانڊيو لکيو ته حڪومت جي نااهلي آهي، شنڪر لال لکيو ته غلط پاليسي ظاهر ڪئي وئي آهي…زوهيب لاڙڪ لکيو ته اھا ھڪ سراسر ناانصافي ڪئي پئي وڃي ٻهراڙين سان، خميسو آريسر لکيو ته افسوس سنڌ سان ناانصافي ٿي رهي آهي، وزير احمد وساڻو لکيو ته سراسر سنڌ سان نا انصافي آهي، حافظ راڄپر لکيو ته غلط پاليسي ظاهرڪئي وئي آهي، شڪر جمال گجو لکيو ته سنڌ جون ٻهراڙيون هٿ سان تباهه ڪيون پيون وڃن، عوام بيروزگار آهي، بکون ڪاٽي رهيا آهن، ماڻهو شهرن ۾ مزدوري لاءِ اچن ٿا، ٻهراڙين کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، شهمير علي لکيو ته سنڌ کي ايم ڪيو ايم جي خواهشن تي ورهائڻ جي سازش ٿي رهي آهي سنڌين جي اڪثريت کي ختم ڪري کين اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي جنهن کي اسان سنڌ دشمن سمجهون پيا ۽ اسان ايم ڪيو ايم جي ڏنل آدمشماري جي انگ اکرن کي رد ڪيون ٿا. دائود لغاري لکيو ته سراسر غلط هٿ سان ٻهراڙي آبادي گهٽ ڏيکاري انهن جي حقن کي مارڻ جو پلان تيار پيو ڪيو وچي جنهن سان اڳيان ٻهراڙي جي حقن کي وڏو نقصان رسندو، امتياز جمالي لکيو ته شھري آباديءَ کي هٿ سان وڌايو پيو وڃي، عزادار بخت گوپانگ لکيو ته سنڌ کي ايم ڪيو ايم جي خواهشن تي ورهائڻ جي سازش ٿي رهي آهي سنڌين جي اڪثريت کي ختم ڪري کين اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي جنهن کي اسان سنڌ دشمن سمجهون پيا ۽ اسان ايم ڪيو ايم جي ڏنل آدم شماري جي انگ اکرن کي رد ڪيون ٿا، محمد ابراهيم لکيو ته سنڌ جي ٻھراڙيءَ کي ھٿرادو پوئتي ڌڪيو پيو وڃي جتي نه تعليم جي سھولت آھي نه صحت جي نه ئي امن امان آھي رڳو جھيڙا ۽ فساد ئي آهي تمام گهڻي ڀاڱي رتوڇاڻ ھجڻ جي ڪري ماڻهو شھرن کي ترجيح ڏين پيا حڪومت جي سروي تي اعتماد ڪري سگهجي ٿو، ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته شھري آباديءَ کي وڌائڻ وارو مطالبو ھڪ لساني تنظيم جو ھيو جيڪو پيپلزپارٽي ھاڻي مڃيو آھي. پريل لکڻ لکيو ته ٻهراڙين ۾ اصل ڌرتي ڌڻي رهن ٿا جيڪي هنن کي نٿا وڻن، برڪت علي لکيو ته ڪوڙي اها رپورٽ آهي جيڪا ٻهراڙي جي آبادي جي خلاف آهي، محمد نواز چانڊيو به ردعمل ڏنو، آڪاش پنهور لکيو ته سروي اگر صحيح ڪئي اٿن ته پوءِ سٺي ڳالھه آھي اگر نه ڪئي اٿن پوءِ غلط آهي.