گُل ۽ گُلرن جي ياري !

0
147

ميرپورخاص جي علائقي لغاري پيٽرول پمپ ويجھو 15 ڏينهن اڳ هڪ ڪتي پنھجن ٻچڙن کي جنم ڏيڻ کان چار ڏينهن بعد مري وئي. جنهن جي لاوارث گُلرن کي انسانيت جي باغ جو هڪ خوبصورت معصوم گُلڙو دانش ميگھواڙ جيڪو پاڻ جهوپڙي ۾ رهندو آھي گذريل هڪ هفتي کان انهي ڪتي جي ٻچڙن کي پنهنجي خرچي مان کير وٺي اچي پيئاريندو آھي، نه صرف ايترو پر دانش ڪتي جي گلرن جي حفاظت لاءِ زمين ۾ کڏ کوٽي رات جو ڍڪي به ڇڏيندو آھي ته جئين ڪو به جانور کين ماري نه ۽ انهن کي سيءُ نه لڳي. ھي ٻارڙو دانش ۽ ھن جا گھر ڀاتي پاڻ ھن وقت کليل آسمان ھيٺ رھن ٿا پر احساس سان گڏو گڏ  ماءُ جو ڪردار ادا ڪرڻ جو مثال قائم ڪندي ڪتي جي تازي ڄاول ٻچڙن کي پنھجي خرچي جي پيئسن مان روز جي بنياد تي کير وٺي پنھنجي ھٿن سان پياريندي ڪتي جي ٻچڙن جي زندگيون بچائي ورتيون آهن، اڃان انسانيت مئي ناهي. (سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل پوسٽ)