مبينا هار وڪرو ڪرڻ تي عمران خان ۽ زلفي بخاري خلاف جاچ شروع

0
527
مبينا هار وڪرو ڪرڻ تي

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ زلفي بخاري خلاف پرڏيهي ملڪ مان مليل تحفي ۾ هار جي مبينا فروخت جي مامري تي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي گفٽ طور هار جي مبينا وڪرو جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ زلفي بخاري اهڙن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي اڳوڻي خاص مددگار زلفي بخاري چيو ته هار وڪڻڻ واري خبر ۾ ڪا به سچائي ناهي، هار وڪڻڻ جي ڪڏهن به ڳالهه ناهي ڪئي وئي، ان حوالي سان گردش ڪندڙ سڀ افواهون بي بنياد آهن

نجي ٽي وي جي موجب اڳوڻو وزيراعظم عمران خان مبينا طور تي زلفي بخاري ذريعي لاهور جي هڪ زيور کي 18 ڪروڙ رپين ۾ هار وڪرو ڪيو هو، جڏهن ته ڊي جي ايف آءِ اي هن مامري جي تصديق ناهي ڪئي ۽ نه ڪوئي بيان ڏنو

ھي به پڙھندا

عمران خان پاڪستان جو پهريون وزيراعظم جيڪو قومي خزاني ۾ 22 ارب ڊالر ڇڏي ويو