عمران خان پاڪستان جو پهريون وزيراعظم جيڪو قومي خزاني ۾ 22 ارب ڊالر ڇڏي ويو

0
575
ڪٺ پلتين کي قوم

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان قومي خزاني ۾ 22 ارب ڊالر ڇڏيو ويو آهي، پاڪستاني ايجنسي، اسٽارٽ اپ پاڪستان“ موجب اڳوڻو وزيراعظم عمران خان پاڪستان جو پهريون وزيراعظم آهي جنهن قومي خزاني ۾ 22 ارب ڊالر ڇڏي ويو آهي

اطلاعات ۽ نشريات واري اڳوڻي مملڪتي وزير فرخ حبيب پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي اسٽارٽ اپ پاڪستان جي خبرو جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو ۽ فرخ حبيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هي عمران خان جي بهترين ڪارڪردگي جو وڏو مثال آهي

واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان خلاف هڪ عالمي سازش تحت قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ هو هاڻي ملڪ جو وزيراعظم ناهي ۽ سڄي دنيا ۾ پاڪستانين طرفان عمران خان جي حڪومت وڃڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو پيو وڃي

ھي به پڙھندا

ڇا مارشل لا لڳي ويو هو؟، شهزاد اڪبر ۽ شهباز گل جا نالا فوري ڪڍيا وڃن: چيف جسٽس