لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪوڏي ڪوڏي ٽيم جي 7 رانديگرن جي ڊوپ ٽيسٽ پازيٽون اچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. جنوري ۾ نيشنل ڪبڊي چيمپئن شپ پنجاب اسٽيڊيم لاهور ۾ ٿي هئي، جنهن ۾ 13 رانديگرن جا ڊوپ ٽيسٽ لاءِ سيمپل ورتا ويا هئا. ذريعن موجب ان چيمپئن شپ ۾ پاڪستان ڪبڊي فيڊريشن خاص طور رانديگرن جا ڊوپ ٽيسٽ ڪرايا هئا، جنهن تي فيڊريشن اختيارين کي وڏو خرچ برداشت ڪرڻو پيو هو. انهن مان 7 رانديگر اهڙا نڪتا جن جي رپورٽ ۾ طاقت واريون پابندي پيل دوائون استعمال ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو. انهن رانديگرن ۾ 4 وڏا نالا به شامل آهن، جيڪي انٽرنيشنل سطح تي پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪا آهن. انهن رانديگرن تي پابندي جي فيصلي جي حوالي سان انڪوائري ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي.