نئين حڪومت آڏو ايندڙ چئلينجز

0
128
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

چوندا آهن ته اقتدر گلن جو هار نه پر ڪنڊن جي سيج آهي پر خبر ناهي پوءِ به ڇو هر ڌر چاهيندي آهي ته اها انهي ڪنڊن جي سيج تي ويهي ۽ اٿڻ جو نالو ئي نه وٺي.جنهن جو تازو نظارو پاڪستان ۾ گذريل مهيني کان اقتدار جي ويڙهه ۾ نظر آيو آهي.اڪثريت ختم ٿيڻ باوجود حڪمران پارٽي ڪنهن به ريت اقتدار ڇڏڻ نه پئي چاهيو ۽ هر اهو ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي غير آئيني چيو وڃي ٿو. ايستائين جو ملڪي صدر  پنهنجي آئيني فرض کي پٺي ڏئي مخالف پارٽي جي چونڊيل وزيراعظم کي قسم کڻائڻ کان بچڻ لاءِ بيماري جو بهانو ڪري مختصر موڪل تي هليو ويو. اهي سڀ قدم ٻڌائين پيا ته اسان ڪهڙن غير جمهوري روين جو شڪار ٿي ويا آهيون جو آئيني ۽ جمهوري روايتن کي هٿي وٺرائڻ بدران پاڻ ئي سماج ۾ عدم برداشت وارو ماحول پيدا ڪري رهيا آهيون جنهن جي ڪري سڄو معاشرو اختلاف راءِ رکڻ بدران دشمني جي حد تائين ورهائجي ويو آهي ۽ مخالف آواز کي ذاتي دشمني سمجهڻ لڳي ٿو.اهڙي ماحول ۾ ڇا به ٿي وڃي ملڪ اڳتي وڌڻ بدران پوئتي ويندي نظر ايندو.

اهڙي صورتحال ۾ نئين حڪومت جو اچڻ ۽ اها به ڪنهن هڪ پارٽي جي اڪثريتي نه پر ڪيترن ئي اتحادين تي ٻڌل هجي ان لاءِ هڪ ٻه، نه پر کوڙ سارا چئلينجز آڏو هوندا.سڀ کان جيڪو وڏو ۽ بنيادي چئلينج هن حڪومت جي آڏو آهي ته اها هن معاشي مسئلن ۾ ڦاٿل ملڪ کي ڪيئن ٿي بهتري طرف وٺي وڃي؟ جڏهن ته ٻيو مسئلو پنهنجي اتحادين کي حڪومتي مدي تائين لڳاتار راضي رکي گڏ کڻي هلڻ جو آهي، ڇاڪاڻ ته هي حڪومت ڪا وڏي اڪثريت واري حڪومت ناهي رڳو ٻن ٽن ووٽن جي سادي اڪثريت تي آيل حڪومت آهي. انهي کانپوءِ اڳوڻي حڪومت ويندي ويندي جيڪو آمريڪا تي سازش ڪري پنهنجي حڪومت ختم ڪرڻ جو الزام هڻي سفارتي سطح تي ڏکيايون پيدا ڪيون آهن انهن سان به منهن ڏيڻو پوندو،جڏهن ته چين جهڙا ويجها دوست جيڪي سي پيڪ جي سست ٿيڻ سبب پر ي پري ٿي نظر آيا انهن کي وري واپس پهرين پوزيشن تي آڻڻ تي راضي ڪرڻ به هن حڪومت لاءِ چئلينج هوندو.

جڏهن ته آمريڪا سميت انڊيا ۽ ٻين ملڪن سان برابري وارا لاڳاپا ۽ سعودي عرب جهڙي دوست ملڪن سان لاڳاپن ۾ اڳ جهڙي گرم جوشي پيدا ڪرڻ به هن حڪومت لاءِ مٿي جو سور هوندو. انهي کان وڌيڪ جيڪو چئلينج هن حڪومت آڏو هوندو اهو پي ٽي آءِ جي ميمبرن طرفان اسيمبلين مان استعيفا ڏيڻ کانپوءِ رستن تي احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ وارو اعلان به آهي، جيڪو  هن حڪومت لاءِ ڪنهن ڊيڄاريندڙ خواب کان گهٽ نه هوندو.ڇاڪاڻ ته ملڪ جي معاشي حالتن سبب جيڪڏهن عوام کي ڪو ترت رليف نه ٿو ملي ته آمريڪي سازش جي بيانيي ۽ مهانگائي ۾ واڌ کي جواز ڄاڻائي جيڪڏهن عمران رستن تي آيو ته اهو حڪومت لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته مهانگائي سبب اڳ ئي عوام پريشان آهي پر ڪالهوڪي مخالف ڌر ۽ هاڻوڪي حڪومت انهي معاملي تي عوام کي ايئن موبلائيز نه ڪيو ۽ عمران خان پنهنجي حڪومت وڃڻ کان پوءِ انهي معاملي کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڀرپور تيار نظر اچي رهيو آهي.جڏهن ته صوبن ۽ وفاق ۾ جيڪا هم آهنگي نظر نه پئي اچي ان کي بحال ڪرڻ ۽ ننڍن صوبن جي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ به هن حڪومت لاءِ هڪ اهم چئلينج هوندو.

اسان سمجهون ٿا ته اهي اهڙا چئلينجز آهن جيڪي  نه رڳو ملڪ پر  هن حڪومت ۽ اتحادين جي سياست تي به ڀرپور اثرانداز ٿي سگهن ٿا ۽ انهن جي لڳاتار متحد رهڻ کانسواءِ ڪا به پارٽي اڪيلي سر انهن چئلينجز کي منهن نه ٿي ڏئي سگهي.تنهن ڪري ڏسجي ته سياسي ڌريون بچيل ڏيڍ سال ۾ ملڪي ۽ عوامي مفاد آڏو رکي اڳتي وڌن ٿيون يا وري ٿوري عرصي ۾ ئي تنظيمي ۽ گروهي مفادن لاءِ الڳ ٿي ڪو ٻيو بحران پيدا ڪرڻ جو سبب بڻبيون.