پ پ ۽ ن ليگ جو ايم ڪيو ايم سان معاهدو سنڌ جي وحدت خلاف سازش سمجهون ٿا: ڊاڪٽر قادر مگسي

0
202
پ پ ۽ ن ليگ جو ايم ڪيو ايم

حيدر آباد  (بيورو رپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي  پاران  پ پ پ ۽ نواز ليگ پاران ايم ڪيو ايم سان ڪيل معاهدن خلاف  17 اپريل تي  حيدرآباد جي نجي هوٽل ۾ سڏايل سنڌ قومي ڪانفرنس2022 جون تياريون ۽ دعوتن جو سلسلو جاري  آهي

سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سڏيل ڪانفرنس جي تيارين جي جائزو وٺڻ جي لاءِ ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽرقادر مگسي جي صدارت ۾ ڪانفرنس تياري ڪميٽي جواجلاس ٿيو

  اجلاس ۾ حيدر شاھاڻي، حيدر ملاح ،ڊاڪٽر سومار مڱريو ، عاشق سولنگي ، قادر چنا ،امتياز سمون ، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ، هوت خان گاڏهي، خدا بخش درس ، محمد علي ابڙو ،نصرت حسين چن، اعجاز سنڌي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، پ پ پ، ن ليگ ايم ڪيو ايم سان ڪيل معاهدي کي سنڌ جي وحدت خلاف سازش سمجهون ٿا، ايم ڪيو ايم سان معاهدو ڪندڙ پ پ پ ۽ ن ليگ سان گڏ ان ۾ شامل تائيد ۽ گارنٽي ڏيندڙ به برابر جا شريڪ ۽ سنڌ دشمن سمجهون ٿا

ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته  اسان جمهوريت جا حامي آهيون ۽ ملڪ اندر قانون ۽ آئين جي بالادستي چاهيون ٿا. پر هي معاهدو نه صرف سنڌ جي خلاف سازش آهي پر ملڪ جي قانون ۽ آئين جي به خلاف آهي، هن چيو ته سنڌ جو وجود ڪنهن قراداد، آرڊيننس يا وائيسرا  جي آڊر تي ناهي آيو پر هي هزارين سالن جي تهذيب رکندڙ ست ڪروڙ انسانن جو مقدس مادر وطن آهي

هن چيو ته سنڌ جي وحدت خلاف ڪا به بڪواس ٻڌڻ جي لاءِ  تيار ناهيون، نه وري سنڌ جي حقن ۽ اختيارن کي نسلي ۽ لساني بنيادن تي ورڇ جي اجازت ڏينداسين، هن چيو ته 17 اپريل تي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ سنڌ قومي ڪانفرنس سنڌ جو گڏيل قومي آواز ثابت ٿيندي. ڪانفرنس ۾ سنڌ جي وحدت جي بقاءُ، سنڌ جي حقن اختيارن جي حفاظت لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙي ويندي

ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ڪانفرنس ۾ مختلف قومپرست ۽ سنڌ دوست سياسي پارٽين جي اڳواڻن، اديبن، دانشورن ،صحافين ۽ سول سوسائٽي جي  نمائيندن کي دعوتون ڏنيون پيون وڃن

ھي به پڙھندا

ايم ڪيو ايم وفاقي ڪابينا ۾ شامل نه ٿيندي: خالد مقبول صديقي