ڏهرڪي: جرڳي جا ٻه لک ڏنڊ نه ڀرڻ تي پيرسن گرفتاري بعد لاپتا

0
179
ڏهرڪي: جرڳي جا ٻه لک

ڏھرڪي (ن پ ا) ڏهرڪي ۾ بااثر جي مبينا  جرڳي ۾ ٻه لک ڏنڊ  نه ڀري ڏيڻ تي  ڏهرڪي پوليس  بااثر جي ونگار تي ڇولا کپائندڙ  70 سالن جي پيرسن کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو، پيرسن جي وارثن پارا احتجاج ڪيو ويو آهي

سينما روڊ واسين غلام ياسين هڪڙو ۽ ٻين بااثر ۽ پوليس خلاف احتجاج ڪندي چيو ته هڪ هفتو اڳ اسان جي نوجوان غلام محمد هڪڙو مٿان الزام هنيو ويو ته هو صبران ڀٽو کي اغوا ڪري ويو آھي جيڪو الزام ڪوڙو هو

هنن چيو ته بااثر قادر ڀٽو اسان جا ماڻهو گرفتار ڪرايا ۽ اسان کي گهرائي زبردستي چيو ته  لک ڏنڊ ڀري ڏيو، ڏنڊ جي رقم نه ڏئي سگهيا سين ته اسان جي 70 سالن جي پيرسن پهلوان هڪڙو کي بااثر پوليس کان گرفتار ڪرائي ڇڏيو آھي

هنن چيو ته اسان مسڪين آھيون ڇولا کپائي پيٽ جو سفر گذر ڪندا آھيون اسان وٽ ٻه لک ناهن جو بااثر کي ڏنڊ  ڀري ڏيون، پيرسن پهلوان  پوليس جي نجي قيد ۾ آھي انهن مٿان نه ڪو ڪيس آھي نه فرياد خدارا اسان سان انصاف ڪيو وڃي

ڏهرڪي پوليس چوي ٿي ته هڪڙا ۽ ڀٽا برادري جو پاڻ ۾ عورت معاملي تان مسئلو هلندڙ آھي باقي پيرسن پهلوان اسان وٽ گرفتار ناهي

ھي به پڙھندا

لاڙڪاڻي ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ عورتن جو ڌرڻو، 15 عورتون گرفتار