شهباز شريف پنهنجي پهرين هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو

0
187
شهباز شريف پنهنجي پهرين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پهرين هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو آهي، جتي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين اڳواڻنهن  جو استقبال ڪيو

فيصل ايئر بيس تان سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه شهباز شريف کي هيلي ڪاپٽر ۾ کڻي مزار قائد پهتو، جتي ايم ڪيو ايم اج اڳواڻ پڻ پهتا ۽ دعا گهري ۽ مهمانن جي ڪتاب تي تاثرات به لکيا

مزار قائد تي حاضري کان پوءِ شهباز شريف اعليٰ هائوس ويو جتي هو ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبن بابت مشاورتي اجلاس جي صدارت ڪندو، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزيرن، سيڪريٽرين ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو

شهباز شريف حڪومتي اتحادي ايم ڪيو ايم جي مرڪز بهادر آباد ۾ ويندو ۽ پوءِ شام جو واپس اسلام آباد هليو ويندو

ھي به پڙھندا

وزيراعظم شھباز شريف سرڪاري ادارن ۾ ڇنڇر جي موڪل ختم ڪري ڇڏي