لکي غلام شاهه (ن پ ا) لکي غلام شاهه ويجهو لغڙ اڏائڻ دوران بجلي جي تارن ۾ وچڙي ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ نينگر فوت ۽ ٻيو زخمي. خبر موجب ڳوٺ شير محمد بروهي ۾ لغڙ اڏائڻ دوران بجلي جي تارن ۾ وچڙڻ سبب 12 ورهين جو راجا پٽ مولابخش بروهي ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته سندس سئوٽ زبير زخمي ٿي پيو. ڳوٺاڻن فوتي نينگر جو لاش گهر پهچايو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، زخمي نينگر کي خانپور اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان کيس سکر نيو ويو آهي.