ملير (رپورٽر) ابراهيم حيدريءَ جي علائقي بلوچ پاڙي مان اڻڄاتل هٿياربند گهر ۾ گهڙي ڦرلٽ بعد ڏيڍ سال جو معصوم ٻارڙو اغوا ڪري ويا، پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري سندس نشاندهي تي ٻارڙو بازياب ڪرائي ورتو. خبر موجب ابراهيم حيدري جي علائقي بلوچ پاڙي ۾ چئن هٿياربندن شهري جاويد جي گهر ۾ داخل ٿي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي گهر ۾ رکيل سونا زيور ۽ روڪ رقم اڍائي لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد ويندي ويندي ڏيڍ سال جي ٻارڙي عمار حسين کي اغوا ڪري ويا. پوليس موجب هٿياربند گهر مان ڦرلٽ بعد معصوم ٻارڙي کي اغوا ڪري ويا، جنهن بعد پوليس شڪ جي بنياد تي هڪ شخص رزاق کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن کان جاچ بعد پوليس سندس نشاندهي تي معصوم ٻارڙي کي بازياب ڪرائي ورتو. پوليس موجب گرفتار جوابدار رزاق ڪجهه وقت اڳ گهر جي مرمت دوران مزدوري ڪندو هو، جنهن بعد پنهنجي ساٿين سان گڏجي رات دير سان گهر مان ڦر لٽ ڪئي ۽ ٻارڙي کي اغوا ڪيو، پوليس ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني آهي.