ڪراچي (نمائندن وٽان) قمبر، ميرو خان، وارث ڏنو ماڇي ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن طرفان ريلي ڪڍي وئي. شھدادڪوٽ ۾ ايس ٽي پي پاران مزدورن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ڪاگو جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء ريلي ڪڍي وئي . ٺل ۾ مزدورن جي عالمي ڏينهن تي وطن دوست مزدور فيڊريشن پاران ابراهيم ڪنراڻي، مزاري خان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. باڊھه ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي مزدور فيڊريشن طرفان صدرالدين مسڻ، عزيز بروهي، قاسم چنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون. نصيرآباد ۾ رائيس ملز مزدور مھراڻ اڏا يونين، پ پ شھيد ڀٽو، قومي عوامي تحريڪ، پيرا ميڊيڪل اسٽاف يونين، ڪبوا جي ڪارڪنن ۽ عوامي ورڪرز پارٽي پاران حميد چانڊيو، شيراز پتوجو، راجا ڪانڌڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. نئون ديرو ۾ مزدورن وزير علي، گداحسين، علي نواز، غلام رضا، اسد راهوجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون.چيلھار، ميرپور بٺورو، وارهه ۾ اسلم کھاوڙ، الله بخش گاڏھي ۽ ٻين پاران ريلي ڪڍي وئي. لاڙڪاڻي ۾ مختلف ملازم تنظيمن طرفان ايس او پيز تحت ڌار ڌار تقريبون ڪوٺائي غلام رسول ڇڄڙو، اياز اھير، ممتاز چانڍيو، ديدار کوکر، نثار چانڍيو، رجب کوسو، دلشاد ڇڄڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريليون ڪڍيون ويون. ميرواهه گورچاڻي ۾ مزدورن جو عالمي ڏينھن ڪورونا ۽ لاڪ ڊائون سبب سادگيءَ سان ملھايو ويو، ٽنڊي آدم ۾ پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي به 500 کان وڌيڪ فيڪٽريون کليل رهيون هزارين مزدور ڊيوٽين تي رهيا. ڪنهن به نوٽيس نه ورتو. سکر ۾ شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء لڪس پارڪ کان سکر پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شريڪ ماڻهن مزدورن جي حقن لاء نعريبازي ڪئي وئي۔ ريلي ۾ ميونسپل، ريلوي، ايريگيشن، پي ٽي سي ايل، روينيو، واپڊا ۽ ٻين پورهيت تنظيمن شرڪت ڪئي. خيرپور ۾ يوم مئي جي ڏهاڙي جي مناسب سان پاڪستان ٽريڊ يونين ڊيفنس ڪمپيئن ۽ يونائيٽيڊ ليبر فيڊريشن پاران شڪاگو جي شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪرڻ لاءِ تقريب منعقد ڪئي وئي. دولت پور صفن ۾ النور ايم ڊي ايف بورڊ جي محنت ڪش يونين اڳواڻن صدر زين العابدين ڏاھري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي. نوشهروفيروز ۾ ِ فوڊ ايمپلائيز فيڊريشن ۽ پليدار ايسوسيئيشن پاران ايس او پيز تحت ريلي ڪڍي وئي.ھالاڻي ۾ مختلف ھنڌن تي مزدورن اڄوڪي ڏينھن تي شھيد ٿيندڙ مزدورن کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي. سانگهڙ ۾ عوامي ورڪرز پارٽي سانگهڙ پاران يوم مئي حوالي سان ريلي ڪڍي شڪاگو جي مزدورن کي سلام پيش ڪيو ويو.ملاڪاتيار ۾ سنڌ ايگريڪلچر جنرل ورڪرز يونين ۽ نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن طرفان لال بخش لالڻ سٺيو، زاھد جسڪاڻي، عباس سٺيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. فريدآباد ۾ عوامي جمهوري پارٽي پاران ايڊووڪيٽ سيد لال شاھ، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ منور جتوئي، مھراڻ سوشل فورم جي اڳواڻ رياض چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ميهڙ ۾ ساهڙ هائوس ۾ سنڌ سلامت فورم پاران تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر خادم حسين سومرو، محمد اعظم پنهور ، عبدالصمد ٻگهيو، محمد عمر تيوڻو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڀٽ شاهه ۾ واپڊا ملازمن پاران محرم خاصخيلي ، اسماعيل ميرجت ، شاهنواز ميمڻ ، خادم ٿهيم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ٽنڊومحمدخان ۾ پيپلز ليبر بيورو پاران عبدالحڪيم دستي، غلام رسول جلالاڻي، رفيق لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ٿرڙي محبت ۾ سنڌ مزدور اتحاد پاران الله جڙيو لاشاري، ڪامريڊ انعام کوسو، برڪت ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. حيدرآباد ۾ مختلف ڌرين پاران شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڌار ڌار ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، عوامي ورڪرز پارٽي پاران ڪامريڊ بخشل ٿلهو، ڪامريڊ مقصوده رتڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، هوڏانهن حيدر چوڪ، اول ڊڪئمپس سميت ٻين هنڌن تي به ريليون ڪڍي پورهيتن پاران اجرت وڌائڻ سميت بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. مورو ۾ پورھيتن جي عالمي ڏينھن تي پورھيت عبداللطيف پنھور جو هارپي جو اجورو نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو، هن چيو ته انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.شھدادپور ۾ سنڌي مزدور تحريڪ پاران سورهيه بادشاھ حال ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو. اڳواڻن سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ مهانگائي جي دور ۾ مزدورن گهاڻي ۾ پيڙھيو پيو وڃي سندن حق غصب ڪيا پيا وڃن.مٺياڻي ۾ ٻيڙي مزدور يونين جي صدر محمد ڀورل ڀٽي ۽ جنرل سيڪريٽري محبوب ملاح جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب مٺياڻي اڳيان ميڻ بتون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي