لاڙڪاڻي کانپوءِ ڪراچي ۾ به ايڇ آءِ وي پکڙجڻ جو انڪشاف

0
234
ڊکڻ ڀرسان ايڊز

ڪراچي(م ڊ) لاڙڪاڻي کانپوءِ ڪراچي ۾ به ايڇ آءِ وي پکڙجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، مختلف مرضن جي ماهر ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ايڇ آءِ وي جا 6 هزار 768 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، وچ وارو ضلعو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو جنهن ۾ 2 هزار 725 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي موجب ڏکڻ ضلعي ۾ هڪ هزار 35 ڪيسز، اولهه ضلعي ۾ 998، ڪورنگي ضلعي ۾ 907 ڪيسز رپورٽ ٿيا، جڏهن ته ملير ضلعي ۾ 667 ڪيسز ۽ اوڀر ضلعي ۾ 436 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

هن چيو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ ڪل ڪيسز جو تعداد 2 هزار 430 ۽ حيدرآباد ۾ هڪ هزار 89 ڪيسز آهن، هڪ اندازي موجب سنڌ ۾ 70 کان 78 هزار ايڇ آءِ وي مريض آهن جن مان صرف 13 هزار 864 مريض رجسٽرڊ آهن.

ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي موجب 9166 مرد،2461 عورتون، 1126 ڇوڪرا ۽ 730 ڇوڪريون شامل آهن ۽ 421 خواجا سرا به ان ۾ شامل آهن.

ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي موجب هن وقت تائين ايڇ آءِ وي ايڊز کان هڪ هزار 939 ماڻهو موت جي منهن ۾ وڃي چڪا آهن.