سکر ۾ ٻارڙي سائيڪل تي قلفيون وڪڻي بيمار والدين سوڌو سڄي خاندان جو پيٽ پالڻ لڳي

0
450

سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ ٻارڙي سائيڪل تي قلفيون وڪڻي بيمار والدين سوڌو سڄي خاندان جو پيٽ پالڻ لڳي آھي، 8 ورهين جي ريما والدين جي بيمار ٿيڻ بعد جياپي لاءِ قلفيون کپائڻ جي روزگار ۾ لڳي وئي آھي.

هوءَ سائيڪل تي مختلف پاڙن ۽ علائقن ۾ وڃي قفليون کپائي ٿي، ٻارڙي ريما جو چوڻ آهي ته بابا ۽ امڙ بيمار ٿي پيا آهن، غريب هجڻ ڪري گذر سفر ڏکيو ٿي ويو هو، گهرڀاتين جي پيٽ گذر لاءِ قلفيون وڪڻندي آهيان، والدين جي علاج لاءِ خرچ ۾ ڏکيائيون ٿينديون آهن، سرڪار ۽ سرندي وارن کي گھرجي تھ منھنجي مدد ڪئي وڃي.