لاڙڪاڻي مان پرسرار نموني گم ٿيل نينگري جو پتو نه پيو، احتجاج

0
309

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ريشم گلي مان شاپنگ ڪرڻ لاءِ آيل بنگلديرو جي رهواسڻ 16 ورهين جي مهرالنساءَ عباسي جو پتو پئجي نه سگهيو، نينگري ڪالهه صبح ريشم گلي مان پر اسرار نموني گم ٿي وئي ھئي جنهن جي گهڻي ڳولا بعد ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آھي، جنهن جي وارثن مارڪيٽ ٿاڻي تي پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي نينگري جي وارث عورتن سونيا، صنم، نائلا ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته مهرالنسا عيد جي خريداري ڪرڻ لاءِ آئي هئي جيڪا گم ٿي وئي، پوليس هن وقت تائين پتو ناهي لڳائي سگهي، اسان کي خدشو آھي ته اسان جي نينگري کي ڪو اغوا ڪري ويو آھي. هنن ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آھي ته گم ٿيل ناري جي ڳولا ۾ مدد ڪري ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.