سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تي سيشن جج طرفان ڪيل انڪوائريءَ ۾ پناھ ورتل عورتن کي دارالامان جي ڪلارڪ پاران زيادتي بڻائڻ واري رپورٽ کان پوءِ اعليٰ عدالت جي حڪم تي سي سيڪشن ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾ جوابدار محمد شريف مغل مٿان گناھ نمبر2021/56 قلم 376,217,506 پپڪ تحت ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آھي. سرڪار پاران ايس ايچ او سي سيڪشن سب انسپيڪٽر عاشق اعواڻ جي مدعيت ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آھي، داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي ته سرڪار پاران فرياد آھي ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ داخل پٽيشن ۾ انڪوائري آفيسر اڳوڻو سيشن جج، فيملي مئجسٽريٽ، ٿرڊ سول جج اينڊ مئجسٽريٽ جي موجودگيءَ ۾ دارالامان سکر ۾ وڃي انڪوائري ڪئي ھئي، انڪوائري دوران دارالامان ۾ پناھ ورتل گواھن فوزيا ڌيءَ خادم حسين شيخ، شاھين ڌيءَ غلام علي ميراڻي، شازيا ڌيءَ محمد اسلم ڀٽي، پري ڌيءَ نظير احمد سولنگي، شاھين ڌيءَ محمد عرس جاگيراڻي، شبانا ڌيءَ پنھل لاشاري، ارم ڌيءَ در محمد لاڙڪ، شازيا ڌيءَ پٺاڻ سولنگي جن پنھنجي زباني بيان قلمبند ڪرايا، بيانن موجب ظاھر ڪيو ته جوابدار نالي محمد شريف مغل ڪلارڪ دارالامان سکر جنھن دارالامان ۾ پناھ ورتل اڻ سالم دماغ رکندڙ عورت مسمات وينجھر سان زيادتي ۽ زبردستي زنا ڪندو ھو، جنھن کي عورتن دارالامان جي بورچي خاني ۾ به اھڙي ڪريل حرڪت زنا ڪندي ڏٺو ھو، جنھن تي ھو عورتن کي ڌمڪائيندو رھندو ھو ۽ دارالامان جي انچارج ايڊمنسٽريشن اسٽاف کي پڻ شڪايت ڪئي، جنهن به ڪو تدارڪ نه ڪيو. جنھن کان اڳ ساڳيو جوابدار محمد شريف دارالامان ۾ پناھ ورتل عورت نالي مسمات ملوڪان سان پڻ زنا ڪندو ھيو، انڪوائري آفيسر سيشن جج جي ڪيل انڪوائري، تفصيلي رپورٽ بعد اعليٰ عدالت پاران جاري ڪيل حڪم تي جوابدار نالي محمد شريف خلاف سرڪاري فرياد تي دارالامان ۾ پناھ وٺندڙ عورتن سان پنھنجي عھدي جو ناجائز فائدو وٺندي زبردستي زنا ڪرڻ جو ڏوھ ڪيو آھي. تنھن ڪري مٿس ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آھي. واضع رھي ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪراچيءَ طرفان اھڙي رپورٽ تي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو ھو.