اسلام آباد (بيورو رپورٽ)گذريل مهيني دوران ملڪ مان لاپتا ٿيندڙ شهرين مان 71 ڄڻن جا ڪيس لاپتا ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ قائم ڪميشن وٽ پهچڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، لاپتا ماڻهن جي بازيابي لاءِ قائم ڪميشن ۾ اڃا تائين لاپتا ٿيل ماڻهن جون 2337 درخواستون پيل هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، تفصيل موجب لاپتا ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ قائم ٿيل ڪميشن جي سيڪريٽري پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اپريل 2021ع مهيني دوران لاپتا ماڻهن بابت ڪميشن کي 71 لاپتا ماڻهن جا نوان ڪيس وصول ٿيا، جنهن بعد جبري طور لاپتا ٿيل ماڻهن جي ڪيسن جو تعداد مجموعي طور وڌي 7873 ٿي ويو، جن مان 30 اپريل تائين ڪل 5536 لاپتا ٿيل ماڻهن جا ڪيس اڪلايا ويا آهن، جنهن کان پوءِ لاپتا ماڻهن بابت ڪميشن وٽ اڃا 2337 ڪيس زير غور آهن.