لاڙڪاڻو: چانڊڪا اسپتال ۾ سهولتن جي سخت کوٽ، پيرسن فوت، مريض دربدر

0
129
لاڙڪاڻو: چانڊڪا اسپتال

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)  لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ سبب هڪ پيرسن فوت ٿي ويو ۽ ڪيترائي مريض رلي ويا، مريضن کي لڳل ڊرپ سندس وارث هٿ ۾ کڻي بيٺا رهيا

فتح پور جي رهواسي پورهيت نوجوان پنهنجي بيمار پيء کي طبعيت خراب ٿيڻ تي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ آندو جتي عملي پاران بيڊ خالي نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي ڪلاڪ اندر انتظار ڪرائڻ جو چيو

انتظار جي اوسيئڙي ۾ پيرسن فوت ٿي ويو جنهن کان پوءِ وارثن عملي کي پٽون پاراتا ڏيندي ميڊيا سان ڳالهائيندي پورهيت مقصود سولنگي الزام لڳائيندي چيو ته منهنجو 60 ورهين جو پيرسن پيءُ محمد عسيٰ جي اوچتو طبيعت خراب ٿيڻ تي کيس اسپتال آندو

هن چيو ته چانڊڪا اسپتال جي عملي بيڊ نه هجڻ جو چئي ڪن لاٽار ڪندا رهيا ڪلاڪ کان پوءِ چيو ته بيڊ خالي ٿيو آهي اچو پر تيستائين دير ٿي وئي ترت علاج نه ملڻ ڪري والد فوت ٿي ويو

جڏهن ته مختلف وارڊ ۾ بيڊ نه هئڻ تي اسپتال انتظاميه بيمارن کي اسٽريچر تي ئي علاج شروع ڪري ڇڏيو ۽ مريض جي حالت خراب هوندي به بيڊ نه ملي سگهيو

مريض جا وارثن چون ٿا ته پنهنجي پيارن کي بيماري سبب کڻي ايمرجنسي پهتاسين پر چون ٿا ته بيڊ خالي ناهن، اسپتال ۾ سهولتون نه هجڻ ڪري در بدر ٿي رهيا آهيون

ھي به پڙھندا

سنڌ جا ماڻهو اڃا ڪتن جي وات مان نه نڪتا، وڌيڪ 18 ڄڻا ڏاڙهي زخمي