سنڌ جا ماڻهو اڃا ڪتن جي وات مان نه نڪتا، وڌيڪ 18 ڄڻا ڏاڙهي زخمي

0
276
سنڌ جا ماڻهو اڃا ڪتن

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو، رولو ڪتن هڪ ئي ڏينهن ۾ وڌيڪ 18 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو آهي

زخمين ۾ 10 ورهين جو عبدالصمد، 3 ورهين جو الهه بچايو، 45 ورهين جي حسينه خاتون، 40 ورهين جو محمد اسلم ۽ ٻيا شامل آهن جن کي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو

اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر جي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته رولو ڪتن جي حملي ۾ زخمي ٿيل متاثرن جو واسطو لاڙڪاڻي شهر ۽ ضلعي جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن سان آهي جن کي بروقت ويڪسين ۽ علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو آهي

ھي به پڙھندا

شهباز جي حڪومت ايندي ئي سنڌ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو آزار وڌي ويو