خيرپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت 7 جوابدارن کي 27، 27  سال قيد جي سزا  ٻڌائي ڇڏي

0
151
خيرپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت

خيرپور (ن پ ا) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پوليس سان مقابلي ۽ جوابدارن جي قبضي مان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ستن جوابدارن کي مجموعي طور 27، 27  سال قيد جي سزا ۽ ڏيڍ ڏيڍ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، 6 جوابدار سينٽرل جيل خيرپور منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ جوابدار زبير عرف زبو انصاري روپوش آهي

عدالت جوابدار بشير احمد اڄڻ، اعجاز بوزدار، ڪامل ٻرڙو، شڪيل ٻپڙ، عاشق جاگيراڻي، معشوق شيخ ۽ زبير عرف زبو انصاري کي سزا ٻڌائي، جوابدار ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ تي 6، 6 مهينا وڌيڪ قيد ڪاٽيندا

جوابدارن مٿان الزام هيو ته هنن ست سال اڳ پير جو ڳوٺ ڀرسان هادل شاھ لنڪ روڊ تي پوليس سان مقابلو ڪيو هو ۽ جوابدارن جي قبضي مان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ اچڻ وارو  ڪيس پير جو ڳوٺ ٿاڻي تي پڻ داخل ڪرايو ويو هو، ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت جوابدارن کي سزا ٻڌائي جيل منتقل ڪري ڇڏيو

گهرن ۾ گهڙي ڦرلٽ: خيرپور عدالت پاران 2 ڊي ايس پيز  طلب

ٻئي پاسي خيرپور جي عدالت ڳوٺاڻي جي درخواست تي ٻن ڊي ايس پيز سميت ڇهن ڄڻن خلاف نوٽيس جاري ڪندي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج الطاف حسين دايو جي عدالت  ڳوٺ وارث مڱڻيجو جي رهواسي پورهيت محمد ملوڪ ناريجو جي طرفان داخل ڪرايل درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏنو

عدالت ڊي ايس پي ڪيٽي پاڳارو سيد حبدار علي شاهه، ڊي ايس پي پيرڳوٺ عبدالحق قريشي، برادي جتوئي ٿاڻي جي ايس ايڇ او زاهد ملڪ، وڏي منشي علي رضا ميتلو، سپاهي انور علي پنهور ۽ اسپيشل ٽيم جي انچارج علي مردان ڦل خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو

عدالت ۾ محمد ملوڪ ناريجو طرفان پوليس عملدارن خلاف داخل ڪرايل درخواست ۾ گهرن ۾ گهري ڦرلٽ جا الزام هڻندي سندن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي جي حڪم جي استدعا ڪئي وئي

ھي به پڙھندا

مني لانڊرنگ ڪيس: جاچ آفيسر جي سنڌ بدلي، شهباز ۽ حمزه شهاز جي ضمانت ۾ وري واڌ