مني لانڊرنگ ڪيس: جاچ آفيسر جي سنڌ بدلي، شهباز ۽ حمزه شهاز جي ضمانت ۾ وري واڌ

0
165
مني لانڊرنگ ڪيس:

ڪراچي (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزا شهباز خلاف ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ آفيسر کي شهباز شريف حڪومت سنڌ بدلي ڪري ڇڏيو آهي

اسپيشل سينٽرل ڪورٽ جي جج اعجاز اعواڻ شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزا شهباز جي عبوري ضمانت تي ٻڌڻي ڪئي

 شهباز شريف عدالت ۾ پيش نه ٿيو ۽ سندس وڪيلن ان جي حاضري معافي نامو جمع ڪرايو، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته هو ڪابينا جي اجلاس ۾ مصروف هجڻ سبب عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي، جيڪاعدالت شهباز شريف جي معافي جي درخواست منظور ڪئي

وڪيل امجد پرويز چيو ته عدالت ڊگهي تاريخ ڏئي، يقين ڏياريونٿا ته وزيراشهباز شريف پاڻ عدالت ۾ پيش ٿيندو

وڪيل وڌيڪ چيو ته هن ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو نٿو ٿي سگهيي، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي توهان جا دليل هوندا يا اسان فرد جرم لاڳو ڪنداسين

ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي چيو ته ڪيس جي جاچ ڪندڙ آفيسر کي موجوده حڪومت پاران پنجاب کان سنڌ بدلي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نديم اختر کي نئون جاچ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي، نئين جاچ آفيسر ٻڌايو ته ڪيس جو جائزو وٺڻو آهي، عدالت مهلت ڏيئي، جنهن تي عدالت شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي عبوري ضمانت ۾ 14 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي

ھي به پڙھندا

سڀاڻي تائين گورنر پاڻ يا نمائيندي ذريعي وزيراعليٰ پنجاب کان حلف وٺي: لاهور هاءِ ڪورٽ