سڀاڻي تائين گورنر پاڻ يا نمائيندي ذريعي وزيراعليٰ پنجاب کان حلف وٺي: لاهور هاءِ ڪورٽ

0
171

سڀاڻي تائين گورنر پاڻ يا

لاهور (ڊيسڪ رپورٽ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير حمزه شهباز جي حلف برداري ڪيس جو مختصر فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي

چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس امير ڀٽي محفوظ ڪيل ڪيس جو مختصر فيصلو ٻڌايو۽ فيصلي ۾ چيو ته صوبي ۾ 25 ڏينهن تائين حڪومت ناهي، قسم کڻڻ ۾ دير غير آئيني آهي سڀاڻي گورنر پنجاب پاڻ يا ڪنهن نمائيندي جي ذريعي حلف وٺي

عدالت فيصلي ۾ چيو ته هاءِ ڪورٽ آفيس اڄ ئي پنهنجو فيصلو صدر ۽ گورنر کي به اماڻي ڇڏيندو

ياد رهي ته حمزا شهباز شريف جي عدالتي حڪم باوجود حلف نه کڻڻ واري فيصلي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو هو

ھي به پڙھندا

لاهور جي عدالت اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ کي بري ڪري ڇڏيو