لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻو پئرس نه بڻجي سگهيو، ويتر انتظاميا جي لاپرواهي سبب سمورو شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي، ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب شهر جي اڪثر علائقن ۾ صفائي نه ٿيڻ ڪري روڊن تي نالين جو گندو پاڻي وهي رهيو آهي، جنهن ڪري شهرين کي اچ وڃ ۾ سخت ڏکائيون پيش اچي رهيون آهن، جڏهن ته گندگي جي ڪري مختلف بيمارين پڻ منهن ڪڍيو آهي، ٻئي پاسي شهر جي ڳتيل آبادي واري علائقي بيت المال ڪالوني جي ڊسپوزل مشين جي سيپڪو عملدارن بجلي ڪٽي ڇڏي، جنهن ڪري گندو پاڻي گهرن ۽ گهٽين ۾ ڪاهي پيو ۽ سمورو علائقو گندگي جي ور چڙهي ويو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته سيپڪو انتظاميا گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ لڳل ڊسپوزل مشين جي بجلي رهتون ڄاڻائي ڪٽي ڇڏي آهي، جنهن ڪري ڊسپوزل مشين گذريل ٻن ڏينهن کان مسلسل بند پيل آهي. ڊسپوزل مشين بند هئڻ ڪري شهر جي مراد واهڻ، درويش واهڻ ۽ بيت المال ڪالوني سميت ٻين ننڍن وڏن پاڙن جو گندو پاڻي نيڪال ٿيڻ بجاءِ بيت المال ڪالوني جي رهواسين جي گهرن توڙي گهٽين ۾ تلائن جي صورت ۾ بيٺل آهي. ان حوالي سان رهواسين عابد، شاهد، سراج، نثار، احسان، ضمير ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان کي لاڙڪاڻو پيئرس نه کپي، پراڻو لاڙڪاڻو بحال ڪري ڏنو وڃي ته به ان ۾ خوش آهيون، هنن چيو ته حڪومت پئرس جا آسرا ڏئي لاڙڪاڻي جو رهيل نور به چٽ ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته انتظامي بي ڌياني سبب سڄو شهر گندگي جي لپيٽ ۾ آهي پر ڪير به نوٽي وٺڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته لاڙڪاڻو شهيدن جو شهر سڏيو وڃي ٿو پر هتي هر طرف گندگي جا ڍير نظر اچن ٿا، هنن چيو ته ضلعي انتظاميا توڙي ميونسپل انتظاميا کي دانهڻ باوجود ڪو به تدارڪ ناهي ٿي سگهيو، هنن مطالبو ڪيو ته تڪڙا قدم کڻي شهر ۾ صفائي ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو. هوڏانهن ميونسپل آفيسر سان بار بار رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن سان رابطو نه ٿي سگهيو.