ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پينو فقير ٻارڙيءَ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، رڙين تي ظالمن کيس گولي هڻي ڇڏي، زخمي حالت ۾ اسپتال داخل، پوليس موجب ڪورنگي جي زمان ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 10 ورهين جي صفيه زخمي ٿي پئي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب نامعلوم جوابدار ٻارڙي کي گاڏي ۾ وجھي کڻي وڃي رهيا هئا ته ٻارڙي رڙيون ڪيون جنهن تان جوابدارن کيس گولي هڻي ڇڏي، جوابدارن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.