لاڙڪاڻو : ساهرن پاران تشدد، ڳورهاري عورت دارالامان حوالي

0
263
لاڙڪاڻو : ساهرن پاران تشدد

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي عدالت ڳورهاري عورت کي دارالامان حوالي ڪري ڇڏيو.

 بلوچستان جي صحبت پور ضلعي جي ڳوٺ ميهو پور جي رهواسڻ 4 ٻارن جي ماءُ ڳورهاري عورت مڙس ۽ سس جي تشدد کان تنگ ٿي لاڙڪاڻي جي وومين ٿاڻي تي پهچي وئي.

وومين ٿاڻي جي پوليس فورٿ ايڊيشنل ۽ سيشن جج حفظ الرحمان ميمڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عورت چيو ته 15 سال اڳ منهنجي شادي نديم ڪنڀار سان ٿي هئي جنهن مان مونکي 4 ٻارن جو اولاد آهي جڏهن ته هن وقت 5 مهينن جي حمل سان پڻ آهيان.

هن وڌيڪ چيو ته سس منظوران خاتون جي چوڻ تي مڙس نديم تشدد ڪندو هو ۽ سس پاڻ به تشدد ڪندي هئي جڏھن ته مڙس خرچ به نه ڏيندو هو جنهن کان تنگ ٿي ٿاڻي تي پهتي آهيان

متاثر عورت جي بيان بعد عدالت کيس دارالامان وڃڻ جي اجازت ڏني، جنهن کانپوءِ وومين ٿاڻي جي پوليس عورت کي وٺي دارالامان طرف رواني ٿي وئي.

ھي به پڙھندا

 

ويڳو پيءُ طلاق وٺرائي ٻئي هنڌ وڪرو ڪرڻ چاهي ٿو:ڪرونڊي ۾ ناري جون درد ڀريون دانهون