ميان صاحب (ن پ ا) ميان صاحب بوائز پرائمري اسڪول جي استادن عبدالوحيد ٽانوري جو چوڻ هو ته عمارت جي اڏاوت جي فن کي ڏسي ان وقت جي ڪاريگرن جي ڪاريگري کي داد ڏيڻ کانسواءِ رھي نه ٿو سگھجي ، ھڪ صدي اڳ اڏيل اهڙي شاھڪار عمارت، اڄوڪي دور جي ڪاريگرن لاءِ اڄ به بي مثال بڻيل آھي، پر تعليم کاتي جي نااهلي سبب ڪافي سالن کان وٺي ھن عمارت  جي مرمت نه ٿي آھي جنھن سبب عمارت جون ڇتيون ڪمزور ٿي ويون آھن ۽ ھي عمارت ٻاھريان ته اڄ به خوبصورت نظر اچي رھي آھي پر اندريان ڪمزور ٿي پئي آھي،استاد نديم احمد راجپوت چيو ته  ٽيڪنالاجي جي اهڙي ترقي يافتا دور ۾ اسان جو ماڻهو اڄ به ان دور کان صديون پوئتي بيٺو نظر اچي ٿو ،استاد ثاقب علي چنا چيو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب عمارت زبون حالي جو شڪار ٿيندي پئي وڃي، عمارت جو ڇتيون توڙي ڀتيون سالن کان وٺي مرمت نه ٿيڻ سبب زبون ٿي ويون آھن، ڇتين ۾ لڳل وڏا وزني لوھي گيڊر ڀتين مان سري ٻاھر نڪري آيا آھن گيڊر جي ھيٺان ڀتين ۾ ڏار پئجي ويا آهن ڪنھن به وقت وڏو حادثو پيش اچي سگھي ٿو. استاد اڪرم ڀٽي چيو ته اسڪول ۾ فرنيچر جي به سخت کوٽ آھي ھڪ بينچ تي چار ٻارڙن جي جگهه تي اٺ ٻار ويھڻ تي مجبور آھن، اھڙي سخت گرمي ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ معياري تعليم ڏيڻ ناممڪن آهي،استاد شمشاد ميمڻ چيو ھڪ صدي کان مٿي عرصو ٿيو آھي سرڪاري پرائمري اسڪول ھن خانگي عمارت ۾ ھلي رھيو آھي پر تعليم کاتي سنڌ توڙي تعليم کاتي ورڪس شڪارپور وارن اڄ تائين ھن عمارت جي مرمت لاء ھڪ رپيو به خرچ نه ڪيو آهي جنھن سبب ھي عمارت نھايت ڪمزور ٿي پئي آھي ڪڏھن به برساتي موسم ۾ ھي عمارت ملبي جي ڍير ۾ تبديل ٿي سگھي ٿي. اسڪول جي ھيڊ ماستر خادم حسين چنا روزاني پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته اسان اسڪول جي عمارت جي زبون حالي جون شڪايتون لکت ۾ اسڪول جون تصويرون ڪڍي فائيل جي صورت ۾ ڊي سي شڪارپور ،ڊي اي او تعليم شڪارپور ،تعليم کاتو ورڪس شڪارپور ۽سيڪريٽري تعليم ڪراچي کي به ڏيئي چڪا آھيون ۽ ڪيترائي ڀيرا مختلف اخبارن ۾ خبرون به لڳيون آھن  تنھن باوجود اڃا تائين اسڪول جي ٽي ماڙ عمارت جي مرمت نه ٿي سگھي آھي ،ھن وڌيڪ چيو ته اسان پنھنجي مدد پاڻ تحت مٿين ٻن ڪمرن جون ڀتيون جيڪي زبون ھيون لھرائي ڇڏيون آھن مٿيان ڪمرا اچ وڃ لاءِ بند ڪري ڇڏيا آهن. استادن مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول کي فرنيچر مھيا ڪيو وڃي ۽ اسڪول جي مرمت ڪرائي وڌيڪ ڪلاس رومز ٺھرايا وڃن.