ويڳو پيءُ طلاق وٺرائي ٻئي هنڌ وڪرو ڪرڻ چاهي ٿو:ڪرونڊي ۾ ناري جون درد ڀريون دانهون

0
445
ويڳو پيءُ طلاق وٺرائي

ڪرونڊي(ن پ ا) ڪرونڊي ڀرسان نوجوان پرڻيل ناري پنهنجي مڙس سميت ماءُ ۽ ويڳي پيءَ جي خلاف احتجاج ڪيو آهي.

ڳوٺ بصيرو واسڻ رابيه شيخ پنهنجي مڙس ايمان علي شيخ سان گڏ پنهنجي ماءُ اميران شيخ ۽ ويڳي پي مراد خاصخيلي خلاف احتجاج ڪندي دانهيو ته سندس پيءَ معشوق شيخ جي وفات کان بعد منهنجي ماءُ اميران ٽالپر وڏا جي ڳوٺ دودو خاصخيلي جي رهواسي مراد خاصخيلي سان شادي ڪئي.

هن چيو ته منهنجي شادي ايمان علي شيخ سان ٿيل آهي جنهن ۾ اسان خوش آھيون، هاڻ منهنجو ويڳو پي مراد خاصخيلي ۽ ماءُ اميران شيخ مون کي طلاق ڏياري ٻئي هنڌ وڪرو ڪرڻ  چاهن ٿا.

 هن چيو ته ويڳو پي ۽ ماءُ ڪجهه  وقت اڳ  اسان جي گهر آيا، منهنجي سهري منظور شيخ جي گهران سونا زيور ۽ روڪ رقم به کڻي ويا هئا اهي به واپس نه ٿا ڪن.

رابيه شيخ چيو ته مراد خاصخيلي پئسا ۽ سونا زيور ڦٻائڻ خاطر سيٺارجه پوليس سان ملي ڀڳت ڪري مون کي هتان کڻائي ويا هئا هاڻي زوري طلاق ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، سندس خلاف ڪارروائي ڪري پئسا ۽ سونا زيور واپس ڪرائي ڏنا وڃن.