ڇا آپگھات ئي مسئلن جو آخري حل آهي؟
ڏٺو وڃي ته هيءَ چند ڏينهن جي زندگي اسان جي پالڻهار طرفان اسان کي ڏنل هڪ انمول تحفو آهي ۽ اسان جي هن زندگيءَ جا سمورا اختيار ان پالڻهار وٽ ئي آهن، جنهن اسان کي هيءَ حسين زندگي عطا ڪئي آهي. پوءِ ڇو اسان پنهنجي گلن جھڙي انمول زندگيءَ جو بي سبب ڏيئو اجھايون، هي ڪم اهي ماڻهو ڪندا آهن جيڪي پنهنجي رب جي ذات کان مايوس هوندا آهن. روز ٽي وي اخبارن ۾ خبرون اچن ٿيون ته ڪنهن پاڻ کي محبت جي ناڪاميءَ تان آپگھات ڪري ڇڏيو ته ڪنهن وري پنهنجن مائٽن کان ڪنهن ڳالهه تان ڪاوڙجي پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو وغيره وغيره. اهڙو ئي هڪ واقعو ڪجھه ڏينهن اڳ اسان وٽ هتي سينٽرل جيل حيدرآباد جي سيڪيورٽي وارڊ نمبر 1 جي ڦاهي گھاٽ ۾ هڪ ڦاهيءَ جي قيدي عابد پنهور پاران پيش آيو، جيڪو گذريل ٽن سالن کان ڦاهي گھاٽ ۾ دادو شهر جي معصوم ٻارڙي سان زنا جي ڪيس ۾ ڦاهيءَ جي سزا ۾ قيد هو. جنهن ڪجھه سال اڳ دادو شهر جي هڪ معصوم نينگري سان زنا ڪري ۽ بعد ۾ هن کي قتل ڪري ڇڏيو هو. قيدي عابد پنهور جو ڪجھه ڏينهن اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ مان رحم جي اپيل رد ٿي هئي،. جنهن تان عابد پنهور دل برداشتا ٿي اهڙو بزدلاڻو قدم کنيو، عابد پنهور جو ڀاءُ به ان ساڳئي ڪيس ۾ هتي قيد آهي جنهن جو چوڻ هو ته ان ڏينهن اسان سڀ پاڻ ۾ کولي جا سڀ دوست ٻاهر پسار ڪري رهيا هئاسين ته واقعو پيش آيو، جڏهن اسان جي پسار بند ٿي ته اسين کولي ۾ واپس آياسين ته عابد پهنور جو لاش اسان کي کوليءَ جي دريءَ ۾ لڙڪيل حالت ۾ مليو جنهن بعد اسان فوري طور تي جيل انتظاميا کي اطلاع ڏنو.
سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد
لارينس جي ناول کان اسلامي امارات، افغانستان تائين!
ڊي ايچ لارينس جو ناول Lady Chatterley`s Lover پڙهي پورو ڪيم. سڀ دوست طالبانن جي ڪچهري کنيون ويٺا هئا، آئو سوچڻ لڳس ته 50 هزار موٽر سائيڪل سوار طالبان، ٽينڪون، جنگي جهاز ۽ جديد دفاعي سازو سامان سان ليس 3 لک کان وڌيڪ تربيت يافته افغان فورسز کان ڪيئن کٽي ويا؟ هي اهو سوال آهي جيڪو اڄ اسان سڀن جي ذهنن ۾ ڦري پيو، افغانستان ۾ طالبانن جي اچڻ کان پوءِ دنيا ۾ هڪ نئون ورلڊ آرڊر جڙڻ وارو آهي، جنهن جا اهم رانديگر ايران، روس، چين ۽ پاڪستان، جڏهن ته مخالف ڌرين ۾ آمريڪا، ڀارت ۽ ان جا نيٽو اتحادي آهن ۽ يورپي يونين به ان سان گڏ آهي، گذريل 20 ورهين ۾ افغان گيم ٿيوريءَ جو جائزو وٺون ته خبر پوي ٿي ته 2001ع ۾ نائن اليون کان پوءِ پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏنو جنهن سان اسان جي معيشت کي 252 ارب ڊالرز جو نقصان ٿيو ۽ دهشتگرديءَ جي خلاف جنگ ۾ 70 هزار کان وڌيڪ شهرين کي قربانيون ڏيڻيون پيون. ان دوران ڀارت افغانستان ۾ ڊيمز ۽ انفرااسٽرڪچر منضوبن ۾ 3 ارب ڊالرن کان وڌيڪ سيڙپڪاري ڪئي ۽ ڪابل ۾ پنهنجو سفارتخانو ۽ هرات، قنڌار، جلال آباد، مزار شريف وغيره ۾ قونصليٽ قائم ڪيا جنهن جو اصل مقصد افغانستان کان سرحد پار بلوچستان ۽ شر پسند ۽ پاڪستان جي ٻين شهرن ۽ سي پيڪ منصوبن کي تخريب ڪاري جو نشانو بڻائڻو هو. ان دوران ڀارت آمريڪا سان پنهنجا لاڳاپا بهتر ڪيا ۽ جنگ ۾ آمريڪا جو اهم اتحادي هجڻ باوجود به فائدو وٺڻ بجاءِ معاشي نقصان کنيا ۽ “ڊومور” جو منتر ٻڌڻ ۾ ايندو رهيو. پاڪستان ۽ افغانستان جو ٽرانزٽ ٽريڊ جيڪو 19-2017ع ۾ 2 ارب ڊالرز تائين پٺي ويو هو، 2021ع ۾ گھٽجي وڃي 983 ملين ڊالرز بچو جنهن جو فائدو ايران کي ٿيو جنهن جي افغانستان مان واپار وڌي 2 ارب ڊالرز ٿي ويو. ان کان سواءِ ڀارت ۽ گڏيل عرب امارتن به افغانستان سان پنهنجي واپار ۾ اضافو ڪيو آهي.(جاري)
آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد
ڍورونارو کان کوکراپار ويندڙ مين باءِ پاس روڊ ٺهرايو!
ڍورونارو کان ويندڙ کوکراپار مين باءِ پاس روڊ ميرپورخاص کان وٺي کوکراپار تائين زبون حال بڻيل آهي، روڊ ۾ هنڌان هنڌان کڏا پئجي ويا آهن، مسافر منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ طئي ڪرڻ تي مجبور آهن، ڪيترن ئي سالن کان روڊ جي مرمت نه ٿي سگهي آهي. ايندڙ ويندڙ مسافر سفري سهولت کان محروم بڻيل آهن ۽ روڊ ۾ پيل هنڌا هنڌان کڏن سبب حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، روڊ ڪافي حد تائين ٽٽل هجڻ سبب ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن ۽ ڪيترائي نوجوان معذور پڻ بڻجي ويا آهن. روڊ جي حالت اهڙي آهي جو گاڏيون رڪشا توڙي موٽر سائيڪل رستي ۾ ئي خراب ٿي وڃن ٿا، جنهن ڪري مسافر تمام گھڻين پريشانين کي منهن ڏين ٿا. هن روڊ جي باري ۾ ڪيترائي دفعا اليڪٽرانڪ، پرنٽ ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي خبرون هليون جن جو ڪو به  تدارڪ نه ٿي سگهيو. روڊس کاتي ۽ اعليٰ اختيارين کي گهرجي ته ڍورونارو مين باءِ پاس روڊ ۽ ميرپورخاص کان وٺي کوکراپار ويندڙ هن روڊ کي تعمير ڪرائي مسافرن کي سفري پريشانين کان بچايو وڃي.
ساحل عالياني/ ڍورونارو
حافظ عبدالرحمان بھلڪاڻي جي قاتل کي ڦاسي ڏيو!
21 جون 2021ع جي رات ھڪ بااثر ۽ وحشي صفت قاتل مسعود کوسو ولد حليم کوسو منھنجي 22 سالن جي ڀاڻج حافظ عبدالرحمان بھلڪاڻي کي ڪشمور جي گڊو پوليس اسٽيشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ اقبال کوسو ۾ رات جو گوليون ھڻي کيس بيدردي سان شھيد ڪيو، جڏھن ته قاتل مسعود کوسو ۽ سندس ساٿي ڳوٺ جي وڏيري اقبال کوسو پاران اھو ڊرامو رچايو ته حافظ عبدالرحمان کي ڌاڙيلن شھيد ڪيو آهي، پوليس ۽ اسان جي گڏيل جاچ ۾ قاتل مسعود کوسو ڏوھ جو اعتراف ڪندي چيو ته سندس مائٽن جا سندس گھر ۾ ناجائز تعلقات ھئا ۽ سندس مائٽن جا حافظ عبدالرحمان سان دوستي ھئي، شڪ جي بنياد تي مون کيس شھيد ڪيو، جڏھن ته اصل حقيقت جي خبر مون کي بعد ۾ پئي ته حافظ عبدالرحمان جو ڪو ڏوھ نه ھو، قاتل مسعود کوسو ۽ سندس ڪٽب جي سي ڊي آر رڪارڊ منظر عام تي اچڻ کان بعد خبر پئي ته مسعود کوسو جي مائٽن جا سندس گھر ۾ چڪر ھلندڙ ھئا، قاتل مسعود کوسو اصل جوابدار پنھنجن مائٽن کي ڪجھ ڪرڻ بجاءِ بيگناهه حافظ عبدالرحمان کي شھيد ڪيو. ابتدائي طور پوليس قاتل مسعود کوسو کي گرفتار ڪري اسان جي فرياد تي مٿس قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪري کيس جيل ڀيڙو ڪري ڇڏيو آهي، ھن وقت شھيد حافظ عبدالرحمان بھلڪاڻي جو قتل ڪيس ڪشمور جي ايڊيشنل سيشن جج وٽ ھلندڙ آھي، اسين ايڊيشنل سيشن جج کي پنھنجي وڪيل معرفت قاتل مسعود کوسو جا قتل ۾ ملوث سمورا ثبوت ڏئي ڇڏيا آهن جڏھن ته قاتل مسعود کوسو ڪورٽ ۾ جج آڏو قتل کان انڪار ٿو ڪري. ٻئي طرف اسان کي راڄوڻي طور جرڳو ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي ۽ ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. راڄوڻي نه ڪرڻ ڪيس تان ھٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ اسان کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃڻ، جڏھن ته ھن ڪيس ۾ آئون شاھد آھيان ۽ منھنجو ڀاءُ فريادي آھي. سو اسين ايڊيشنل سيشن جج ڪشمور کي اپيل ٿا ڪيون ته اسان کي سيڪيورٽي فراھم ڪئي وڃي، قاتل بااثر آھي ڪنھن به وقت اسان مٿان حملو ڪرائي سگھي ٿو. شھيد حافظ عبدالرحمان بھلڪاڻي جي مک جوابدار قاتل مسعود کوسو کي ڦاهي ڏني وڃي جيئن اڳتي ھي وحشي ڪنھن بيگناهه کي قتل نه ڪري.
اسماعيل بھلڪاڻي/تنگواڻي
بنيادي سهولتن کان محروم مانجهند شهر!‎‎
مانجهند شهر هونئن ته هر سهولت کان وانجهيل آهي پر مانجهند ڀرسان شهر علي آباد ۾ نڪرندڙ گئس جو اڌ حصو به ڳوٺاڻن کي نٿو ڏنو وڃي نه وري هتان جي مقامي ماڻهن کي روزگار ٿو ڏنو وڃي. پورو تعلقو مانجهند ۾ پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهي، جيڪو پاڻي بنيادي حق آهي، بنيادي حق به نٿا ڏنا وڃن، تعلقو مانجهند معدني وسيلن سان مالا مال آهي پر انهن بنيادي سهولتن کان محروم آهي، تعلقو مانجهند وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جو اباڻو تڪ آهي، اهو اباڻو تڪ اڄ به انهن بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي. هتان جا رهواسي ڪڏهن پيئڻ جي پاڻي لاءِ سراپا احتجاج آهن ته ڪڏهن صفائي جي لاءِ سراپا احتجاج آهن ته ڪڏهن وري صحت جي سهولتن لاءِ سراپا احتجاج آهن پر شايد انهن ووٽرن کي ڪا خبر ناهي ته اسين هتان جي رهواسين کان ووٽ وٺندڙ آهيون پر هو ڪڏهن رهواسين کان اها پڇا نه ڪرڻ ايندا آهن ته اوهان کي ڪهڙيون سهولتون موجود آهن، افسوسن سان چوڻو ٿو پوي هن معاشري جي اندر جيڪو به ٿئي پيو مان اهو سمجهندس ته اڄ جا ووٽر وٺندڙ هن سماج جا دشمن آهن. اڄ جا ماروئڙا ڪڏهن ڪنهن در دانهن کڻيو وڃن ته انصاف جي لاءِ ڪيترائي دروازا انهن کي پنڻا ٿا پون پر ڪير ڪنهن جي درد جي دانهن ٻڌڻ وارو نه آهي، اڄ جي حڪمرانن کي هن چٺي جي ذريعي اهو ٻڌائڻ چاهيندس ته ڪجهه اکيون کولي ڏسو انهن رهواسين تي ٿوري نظر وجهو جن کان اوهين ووٽ ٿا وٺو، انهن کان پڇاڻو ڪري ڏسو اوهان کي ڪهڙيون سهولتون مليل آهن ۽ هتان جا رهواسي ڪهڙي درد جي دانهن ٿا ڏين. تعلقي مانجهند جي رهواسين کي بنيادي سهولتون ڏئي انهن مان بيچني ختم ڪئي وڃي.
محرم خاصخيلي/مانجهند
پٽن جيڏو جگر رکندڙ سنڌ جي بهادر نياڻي!
سنڌ ڌرتي تي ڪئين اهڙين نياڻن جنم ورتو آهي جن جو جگر شينهن جيڏو آهي، انهن سنڌ سان تعلق رکندڙ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهرين عورت جيڪا پاڪستان جي وزيراعظم ٿي، جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جيل ۾ هو ۽ ضياءَ حڪومت ۾ هن کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي ته محترمه صاحبا عالمي عدالت ۾ هن کي بچائڻ لاءِ وڏا جتن ڪيا ۽ قاعداعظم جي ڀيڻ فاطمه جناح جي ڳالھ ڪجي ته هن بهادر به پاڪستان جي ٺهڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو پر ان نقشي قدم تي هلندي ام رباب چانڊيو جڏهن سندس خاندان کي سردارن قتل ڪري ڇڏيو ته هيءَ اها نياڻي هئي جنهن حق جو علم کنيو ۽ ڌاڍن جي ڏيهه ۾ ڪاهي پئي، جتي هن عدالتن جو در کڙڪايو. جتي ڪو به انهن وڏيرن اڳيان ڳالهائڻ جي جرئت نه ڪندو هو اتي سنڌ جي مظلوم نياڻي انهن جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائڻ ۽ سزا ڏيارڻ جي همت ڪئي، جيڪو ناممڪن هو ۽ ڪنهن ۾ به اها همت نه هئي ته ڪو ايڏو وڏو قدم کڻي. جڏهن وڏيرن کي ڏوهي قرار ڏنو ويو ۽ ام رباب پنهنجي پهرين ڪاميابي تي شڪراني جا نفل ادا ڪيا ته مون انهن گهڙين ۾ هن کي پراميد ڏٺو ۽ هن کي جيڪو عدالتن تي يقين ۽ ڀروسو هو اها ڪاميابي ان پختي يقين جي ڪري هئي پر سوشل ميڊيا تي مون هر ھڪ وال تي هڪ ڳالھ پڙهي جنهن سان تڪليف رسي جنهن ۾ لکيل هو ته ڪاش محترمه جي به ڪا اهڙي نياڻي هجي ها جيڪا محترمه جي قاتلن کي گرفتار ڪرائي ها. ام رباب جڏهن پنهنجي وارثن جي قتل خلاف آواز اٿاريو ته هوءَ اڪيلي هئي پر محترمه صاحبه جي پونئرن وٽ ته سمورو پاڪستان هو جي ڪو اڳڀرائي ڪري ها ته هن سان گڏ سنڌ ڇا پر پورو پاڪستان هڪ بڻجي ها پر محترمه جو قتل ڪيس صرف فائلن تائين محدود رهيو، هاڻ به وقت آهي ته ام رباب جي نقشِ قدم تي هلندي ڪيس ري اوپن ڪرائجي 
علي حسن “احسن” چڍڙ /ميرپورماٿيلو
ٽنڊو محمد خان ۾ لوڊشڊنگ جو آزار ڪڏھن ختم ٿيندو؟
ٽنڊو محمد خان ۾ حيسڪو جي نااھلي سبب غير اعلانيل، غيرقانوني طور فورس لوڊشڊنگ ڪئي پئي وڃي ۽ سخت گرمي ۾ عوام جون متيون منجھائي ڇڏيون آهن، 24 ڪلاڪن مان 18 کان 20 ڪلاڪ لوڊشڊنگ ڪئي پئي وڃي جنهن سبب شھر جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي، مختلف علائقن جي گھرن ۽ مسجدن ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. ٽنڊو محمد خان شھر جي پانڌي واھ فيڊر ۾ ھر 4 ڪلاڪ جي لوڊشڊنگ کان پوءِ صرف ھڪ ڪلاڪ بجلي فراھم ڪئي وڃ ٿي، جنهن سبب علائقي واسي سڄو ڏينهن بيچيني ۾ ۽ رات جاڳي گذارڻ تي مجبور آهن. ايڪسيئن ۽ ايس ڊي او ته پري جي ڳالهه آهي پر رابطو ڪرڻ تي لائين سپرنٽيڊنٽ به صارفين جي  فون ئي کڻڻ لاءِ تيار ناهي. ھوڏانھن سياسي ۽ سماجي اڳواڻن شھرين سان گڏجي لوڊشڊنگ خلاف سگھاري جدوجهد ھلائڻ جو چتاءُ ته ڏنو آهي پر جيستائين عملي طور ميدان ۾ نه اچبو تيستائين حيسڪو عملدار ڪن لاٽار ڪندا رھندا، پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير ۽ حيسڪو انتظاميا جي اعليٰ اختيارين کي به اپيل آهي ته عوام تي رحم ڪري ڊگهي لوڊشڊنگ جو آزار ختم ڪيو وڃي.
محمد اسلم سمون/ ٽنڊو محمد خان  
جوھي جي آبادگارن کي پاڻي ڏنو وڃي!‎‎
جوهي تعلقي جي آبادگارن کي زرعي پاڻي نه مليو آهي، آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن، جوهي بئراج ۾ زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف مختلف شاخن جي هارين آبادگار ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ بينر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري شهر جي مختلف رستن تان گشت ڪرڻ سڪل جوهي برانچ اندر پاڻي چورن ۽ ظالمن خلاف احتجاج ڪيو. منڍ جا بااثر کاتيدار جوهي برانچ جي پاڻي تي ڌاڙا هڻي رهيا آهن جنهن ڪري پڇڙي ۾ پاڻي اڻلڀ آهي. پاڻي نه هجڻ ڪري مال متاع پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن جڏهن ته فصل نه ٿيڻ سبب آباگار لنگھڻ ڪٽي رهيا آهن. 8 ئي شاخن ۾ پ پ ۽ ان جي پاڻي چور سياسي اثر رسوخ رکندڙن آبادگارن هٿ سان پاڻي بند ڪري سياسي انتقامي ڪاررواين تي لهي آيا آھن، جنهن سبب جوهي تعلقو معاشي طور ڪنگال ۽ برباد ٿي ويو آهي. جوهي تعلقي جي حالت هن وقت ٿر کان به بدتر ڪاري ڏڪار جي ورچڙھيل آھي، هاري ۽ آبادگار بدترين بک ۽ بدحالي جي ور چڙھيل آھن پگر سنڌ حڪومت کي شايد اسان جوهي واسين جو احتجاج نظر ئي نٿو اچي. آخر ۾ ھنن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ٻين اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي، جوهي بئراج تي زرعي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙي جو ازخود نوٽيس وٺندي جوهي برانچ تي رينجرز مقرر ڪري پڇڙي جي شاخن ۾ پاڻي فراهم ڪيو وڃي.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو
ميھڙ تعلقي ۾ پ پ پ جا قربانيون ڏيندڙ نظرياتي جيالا!
ميھڙ تعلقي ۾ پ پ پ جي بااثر وڏيرن اسمبلي ميمبرن ۽ پ پ پ عھديدارن طرفان خانگي ووٽ بئنڪ ٺاهڻ لاءِ نين ننڍين نوڪرين لاءِ سينئر ۽ نظرياتي ۽ جيلن جون سختيون ڪٽيندڙ ڪارڪنن، حامين ۽ بي پھچ غريبن کي نظر انداز ڪري من پسندن ۽ وڌيرن جي چوڻ تي نوڪرين جا نالا ڏئي ڇڏيا آهن، ميھڙ تعلقي ۾ پ پ پ جي قيادت طرفان نين ننڍين نوڪرين جا نالا طلب ڪرڻ تي پ پ پ جي چونڊيل نمائندن ايم پي اي فياض علي ٻٽ، ضلعي جنرل سيڪريٽري سردار غلام دستگير ڳورڙ، تعلقي صدر محمود مھيسر، ايم اين مصرت رفيق مھيسر ۽ ايم اين اي عرفان ظفر لغاري طرفان تعلقي اندر پنهنجو خانگي ۽ ذاتي ووٽ بئنڪ ٺاهڻ لاءِ گريڊ 1 کان گريڊ 4 جي سرڪاري نوڪرين لاءِ اميدوارن جي نالن جون لسٽون ٺاھڻ دوران ۽ پ پ پ جي سينئر، نظرياتي ۽ جيل ياترا ڪندڙ ۽ پنهنجي جوڀن جواني جدوجهد ۾ گھاريندڙ ڪارڪنن، شھيد ڀٽي، شھيد راڻي ۽ بلاول ڀٽي جي نظرياتي حامين ۽ سندن اولاد ۽ بي پھچ غريب عوام ۽ ووٽرن کي نظرانداز ڪري نوڪرين لاءِ پنهنجي من پسندن نوڪرن، چاڪرن، مٽن مائٽن، پ پ پ ۾ نوان شامل ٿيندڙ نون ماڻهن، نقلي جيالن ۽ وڏيرن جي سفارش تي نوڪرين جي نالن جون لسٽون ٺاهي انھن جا نالا قيادت کي ڏئي ڇڏيا آهن، جنهن ڪري سينئر نظرياتي ۽ جدوجهد جي علامت بڻيل ڪارڪنن ۽ غريب عوام ۾ مايوسي ڇانئجي وئي آهي ۽ ھو احساس محرومي ۾ ورتل آهن. کين نوڪريون ڏيندڙ شھيد راڻي کي ياد ڪري روئي رھيا آهن، دادو ضلعي ۽ تعلقي ميھڙ ۾ پ پ پ تنظيم تي وڏيرن ۽ سردار ۽ سندن منظور نظر نامزد ٿيڻ سبب سموري پ پ پ تنظيم سندن اوزار بڻيل آهن، پ پ پ جي سينئر نظرياتي ۽ جيلن جون سختيون ڪاٽيندڙ ۽ ايم آر ڊي تحريڪ جي اسير ڪارڪن عبداستار ميراڻي ۽ نظرانداز ڪيل ٻين ڪارڪنن پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ۽ سنڌ جي صدر نثار کھڙي کان مطالبو ڪيو آهي ته ھن سلسلي ۾ جاچ ڪري قربانيون ڏيندڙ ڪارڪنن جي اولاد ۽ بي پھچ غريب عوام کي نوڪريون ڏنيون وڃن، ٻي صورت ۾ ھو سخت احتجاج ڪندا ۽ پاڻ ساڙڻ کان به نه ڪيٻائيندا
عبدالستار ميراڻي/جامع مسجد محلو راڌڻ
ٽرانسفارمر ٺهرائي ڏيو!
گذريل ڏينهن کان نيوڇور جي ڪجھ پاڙن ۾ بجلي وارو ٽرانسفارمر سڙي ويو آهي، نيوڇور جي ڪجھ نوجوان جي جهدوجهد جي ڪري اهو ٽرانسفارمر حيسڪو آفيس عمرڪوٽ موڪليو ويو پر افسوس ان ٽرانسفارمر جي اڄ ڏينهن تائين ڪا به خبر ناهي پئجي سگھي، نيوڇور جو مزدور طبقو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي پر واپڊا عملو اڃا تائين حرڪت ۾ ناهي آيو. شهر جا ڪافي پاڙا ڪاري اونداهي ۽ گرمي جي ورھ چڙهي ويا آهن پر افسوس انهن جي دانهن ٻڌڻ لاءِ ڪو تيار ناهي. اڄ ٽرانسفارمر سڙڻ کي مڪمل هفتو ٿي ويو آهي پر افسوس جو هفتي لڳي ويو آهي پر اڃا تائين هن اڀاڳن پاڙن جو ٽرانسفارمر ناهي ٺهي سگهيو. واپڊا عملو جو رويو ڏسي ڪير به هنن کان پڇڻ جي همٿ نٿو ڪري ڇاڪاڻ ته واپڊ املازم ڪاوڙ واري لهجي ۾ ڏنل جواب عزتدار ماڻهو نٿو ٻڌي سگهي. سڀ اقتدار واري پارٽي سان وابسطا هئڻ جي باوجود اڄ ڏکيائين جي منهن ڏئي رهيا آهن پر هڪ ٻڙڪ به نٿا ڪڇن، آخر ڪڏهن نيوڇور جا هي پاڙا بجلي اچڻ سان روشن ٿيندا يا اڃا ميهني ڏيڊ ٽرانسفارمر کي ايندي لڳي ويندو؟
ڪاشف ڪنڀر/نيوڇور  شهر 
ڪورونا ڪارڻ تباھه ٿيل تعليم جو ذميوار آخر ڪير آهي!
ڪورونا وبا جيڪا دنيا جي ھڪ ترقي يافتا ملڪ چين کان شروع ٿي ڪافي ملڪن تائين سفر ڪرڻ شروع ڪيو آهي، ھن عالمي وبا اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ قدم رکيو، اسان جي ملڪ ۾ فيبروري مھيني جي پڇاڙي ۾ ڪيس رپورٽ ٿيڻ شروع ٿيا، جنھن جي وڌڻ جي صورت ۾ مارچ مھيني جي شروعات ۾ تعليمي نظام کي ڪجھ مدي لاءِ بند ڪيو ويو پر ڪجھ وقت کان پوءِ ڪيس وڌڻ جي صورت ۾ کيس تعليمي نظام کي اڻڄاڻ مدي تائين بند ڪيو ويو. پر عالمي وبا جي صورت ۾ ٿيل تعليم جي تباھي جو ذميوار آخر ڪنھن کي بڻائجي؟ موجودھ تعليمي نظام کي يا شاگردن جي قسمت کي؟! ڪافي ترقي يافتا ملڪن پنھنجي تعليمي نظام جي بھتري لاءِ آن لائين ڪلاسز ھلائڻ جو فيصلو شروع ڪيو جيڪو ڪافي حد تائين درست به آھي، جنھن کان پوءِ عالمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اسان جي ملڪ ۾آن لائين ڪلاسن جا منصوبا جوڙيا ويا. سنڌي ۾ ھڪ مشھور چوڻي آھي ته “ڌڻ تي ڌڻي نه ته وڪڻ کڻين” اسان جي ملڪ جي آفيسر شاهيءَ جو تعليم تي ڪو به ڌيان ناهي يا دوري هجڻ جي ڪري ڪافي نقصان ٿيو. آن لائين ڪلاس جي ڳالھ ڪئي وڃي ته بھترين انٽرنيٽ جي سھولت نه ھجڻ جي صورت ۾ نقصان ٿيو ۽ ڪافي شاگردن جو تعلق ٻھراڙي واري علائقي سان ھو، ھاڻي وفاق ۽ صوبائي حڪومت جي گڏيل فيصلي تحت مرحليوار تعليمي ادارا کولڻ جو سلسلو ته شروع ٿيو آهي پر 7 مھينن جي اندر جي ٿيل تعليم جي تباھي کي بھتر بڻائڻ لاءِ کين وفاق ۽ صوبائي حڪومت کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن ادارا وري بحال ٿين ۽ اسان جو وطن خوشحال ۽ ترقي يافتا ٿيڻ شروع ٿئي.
علي حيدر لسڪاڻي/نئون آباد