لاهور(شوبز نيوز)اداڪار ياسر حسين ڀارتي هدايت ڪار سنجي ليلا ڀنسالي طرفان پاڪستان جي صوبي پنجاب جي گادي واري هنڌ لاهور جي حوالي سان ٺاهيل فلم تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.فلم ”هيرا منڊي“ ۾ لاهور جي ماضي جا حالات ڏيکاريا ويا آهن جنهن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ياسر حسين فلم جي هدايتڪار کان سوال ڪيو ته اسان پنهنجون ڪهاڻيون ڪڏهن ٻڌائينداسين؟سنجي ليلا ڀنسالي طرفان اعلان ڪيو ويو هو ته هيرا منڊي کي اسٽريمنگ پليٽ فارم نيٽ فليڪس تي ڏيکاريو ويندو.ياسر حسين انسٽاگرام اسٽوري ۾ سنجي ليلا ڀنسالي جي فلم ”هيرا منڊي“ جو پوسٽر شيئر ڪيو ۽ پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.اسٽوري سان گڏ ياسر حسين لکيو ته ”اهو آهي لاهور ۾ ۽ فلم ڀارت ۾ ٺهي رهي آهي“هن وڌيڪ لکيو ته ”پوءِ اسان چونداسين ته سڀ ڪجهه غلط ڏيکاريو ويو، خبر ناهي اسان ڪڏهن پنهنجي شين جي بابت ڳالهائينداسين، پنهنجون ڪهاڻيون ڪڏهن ٻڌائينداسين؟“واضح رهي ته ان کان اڳ هلندڙ سال جنوري ۾ اداڪارا منشا پاشا به ان حوالي سان شڪايت ڪري چڪي آهي.