لنڊن(شوبز نيوز) ليجنڊ قوال مرحوم نصرت فتح علي خان پنهنجي فن سبب نه رڳو پاڪستان ۽ ڀارت پر سڄي دنيا ۾ مشهوري ماڻي ۽ سندس قواليون اڄ به ماڻهو شوق سان ٻڌندا آهن.وزيراعظم عمران خان به مرحوم قوال نصرت فتح علي خان جو وڏو مداح آهي، جنهن هو مختلف وقتن ۾ اظهار به ڪندو رهيو آهي، جڏهن ته هاڻ وزيراعظم جي اڳوڻي گهرواري جمائما گولڊ سمٿ ليجنڊ قوال نصرت فتح علي خان جي قوالي جي حوالي سان پنهنجي پريشاني ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستاني فالوئرز کان مدد گهري ورتي.جمائما پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته منهنجو پاڪستاني فالوئرز لاءِ سوال؟هن پڇيو ته ڪير مون کي ٻڌائي سگهي ٿو ته مان عظيم نصرت فتح علي خان جي گيت ”اي اٿرا عشق نئي سون ديندا“ جو مطلب ڇا آهي؟جمائما گولڊ سمٿ جي ان ٽوئيٽ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هوءَ به نصرت فتح علي خان جي مداح آهي يا وري عمران خان جي ڪري هوءَ نصرت فتح علي خان کي ٻڌي ٿي پر ڪجهه دير کانپوءِ هن ڄاڻايل ٽوئيٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيو.