لانگ مارچ خوني ٿي سگهي ٿو، هنن جون شڪلون عوام کي پسند ناهن: شيخ رشيد

0
270
باپ جو حقيقي باپ به

اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد خدشو ظاهر ڪيو آهي ته لانگ مارچ خوني بڻجي سگهي ٿو ۽ ملڪ جون حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون

راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته جنهن ملڪ ۾ منشيات وڪرو ڪندڙ گهرو وزير هجي اتي امن ڪهڙو ٿي سگهي ٿو

هن چيو ته هي ماڻهو حالتون ڪنهن ٻئي طرف وٺي وڃڻ چاهين ٿا پر دعا آهي ته ملڪ ۾ امن رهي ٻهارو نه ڦرجي وڃي، هاڻي گهٽين ۽ محلن ويڙهه شروع ٿي وئي آهي جنهن جو ذميوار راڻا ثناءُ الله آهي

هن چيو ته هو لانگ مارچ ۾ عمران خان سان گڏ آهي، ڪجهه ماڻهو لانگ مارچ ۾ پاڻ کي باهه ڏيڻ چاهين ٿا، لانگ مارچ خوني ٿي سگهي ٿو ۽ ملڪ جون حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون

اڳوڻي گهرو وزير چيو ته عوام جن ماڻهن جو منهن ڏسڻ نٿو چاهي انهن کي اقتدار ۾ آندو ويو آهي، ملڪ جون حالتون خراب آهن، 31 مئي تائين معامري جو حل ڪڍو، 90 ڏينهن جي اندر چونڊن جي تاريخ جو فيصلو ڪيو وڃي

هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته مان پاڪ فوج سان گڏ بيٺو آهيان، جيڪڏهن عمران خان رابطي لاءِ منهنجي ڊيوٽي لڳائي ٿو ته مان انهن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان

هن چيو ته جيل اسان لاءِ ساهرن جو گهر آهي، موت اسان جي محبوبه ۽ هٿڪڙيون اسان جون زيور آهن، نواز شريف جي شڪل ڏسڻ به پسدن نٿو ڪيان، جوتا پالش ڪرڻ وارن سان گڏ قوم رهڻ لاءِ تيار ناهي

ھي به پڙھندا

پنجاھ سيڪڙو ڪاميابي ملي آهي، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ به کٽڻو آهي: آصف زرداري