عيد جي ڏينهن تي به مراد علي شاهه جي عمران خان تي تنقيد

0
181
Murad ali Shah

نئون ديرو (ن پ ا) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عمران خان جي ڌرڻي واري اعلان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته عمران خان جي مئي واري ڌرڻي جي تياري اهڙي هوندي جهڙي ان رات تي ڪئي هئي

نئون ديرو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته  ملڪ معاشي ۽ اخلاقي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي،  الله تعاليٰ کان دعا آهي ته سڀني جي دلين ۾ ايمان وجهي

هن چيو ته الله تعاليٰ اسان کي انهن بحرانن سان مقابلو ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ ۽ هڪ قوم بڻجي پاڪستان ۾ ڪامياب ٿيون

عيدالفطر جي موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وقتي گورنر سنڌ آغا سراج دراني ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي عيد نماز ادا ڪئي، عيد نماز ادا ڪرڻ بعد وڏي وزير ۽ وقتي گورنر ۽ ٻين قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گل رکي فاتحه خواني ڪئي

ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ وڏي وزير ۽ وقتي گورنر عيد نماز ادا ڪرڻ بعد موجود ماڻهن سان عيد ملي عيد جون مبارڪون ڏنيون

ايم اين اي خورشيد جوڻيجو، اڳوڻو صوبائي وزير سهيل انور سيال ۽ ٻين پڻ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ عيد نماز ادا ڪئي، عيدالفطر جي موقعي تي نئون ديرو شهر جي مرڪزي المصطفيٰ عيد گاهه ۾ پڻ عيد نماز جو وڏو اجتماج ٿيو، ملڪ جي سلامتي، خوشحالي ۽ ترقي سميت اسلام جي سربلندي لاءِ دعائون گهريون ويون

ھي به پڙھندا

اسان پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر عظيم ملڪ بڻائينداسين: شهباز شريف