اسلام آباد مارچ جي تاريخ جو اعلان ڪڏهن ٿيندو؟ عمران خان ٻڌائي ڇڏيو

0
219
اسلام آباد مارچ جي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اسلام آباد مارچ جي تاريخ بابت بيان جاري ڪيو آهي، عيد الفطر جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته رمضان المبارڪ جو مهينو پورو ٿيڻ تي قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، دعا آهي ته رب العزت توهان جي قيام ۽ صيام کي شرف قبوليت عطا فرماءِ

هن چيو ته 1947ع ۾ 27 رمضان المبارڪ جي بابرڪت رات ۾ قوم کي آزاد ملي ۽ مون کي سامراج جي سازشن کي عملن ڏسڻ جو موقعو مليو

عمران خان چيو ته 7 مارچ تي آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير پرڏيهي آفيس کي خفيه خط موڪليو، وزيراعظم جي حيثيت سان ان ڳجهي خط جو مواد ڏسي شديد حيرت ٿي، آمريڪي عملدارن سفارتي ادب وساري پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪئي، آمريڪين تحريڪ عدم اعتماد ذريعي ”وزيراعظم“ کي هٽائڻ جو حڪم ڏنو ۽ وزير اعظم کي نه هٽائڻ جي صورت ۾ سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏنيون

هن چيو ته ڊپٽي اسپيڪر جي واضح رولنگ باوجود حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو، جمهوري طور چونڊيل وزيراعظم کي هٽائي اقتدار ڏوهارين جي حوالي ڪيو ويو

هن چيو ته پاڪستان جو وقار آزادي ۽ خودمختياري سان جڙيل آهي، هن مهيني جي آخر ۾ اسلام آباد طرف ”غلامي نا منظور“ جي عنوان سان اسلام آباد جي طرف مارچ ڪيو ويندو، ان تاريخي مارچ جي تاريخ جو اعلان جلد ڪندس

پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته وقت اچي ويو آهي اوهان اڳتي وڌو ۽ پاڪستان جي حقيقي آزادي لاءِ اسان جو ساٿ ڏيو

ھي به پڙھندا

لانگ مارچ خوني ٿي سگهي ٿو، هنن جون شڪلون عوام کي پسند ناهن: شيخ رشيد