پنجاھ سيڪڙو ڪاميابي ملي آهي، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ به کٽڻو آهي: آصف زرداري

0
227

نواب شاهه(ن پ ا) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته اسان 50 سيڪڙو ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، هاڻي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ به ڪاميابي حاصل ڪرڻي آهي

زرداري هائوس نوابشاهه ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ جي صدر آصف علي زرداري چيو ته سچ جي فتح ٿيندي آهي پر مشڪلاتون اينديون آهن

هن چيو ته الله جي فضل سان اسان 50 سيڪڙو ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، هاڻي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ اسان کي فتح حاصل ڪرڻي آهي

آصف علي زرداري چيو ته اوهان کي شڪايت آهي ته آئون گهٽ ايندو آهيان پر هاڻ هو اچڻ وڃڻ جاري رهندو، مان اوهان سان عيد ملهائڻ آيو آهيان

ياد رهي ته آصف علي زرداري عيد نوابشاهه ۾ ملهائي رهيو آهي جڏهن ته سندس پٽ ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ڀينرن سان دبئي ۾ عيد ملهائي رهيو آهي

ھي به پڙھندا

لانگ مارچ خوني ٿي سگهي ٿو، هنن جون شڪلون عوام کي پسند ناهن: شيخ رشيد