لاش ڙي لاش: همراهه يوگا ڪلاس ۾ پوليس سڏائي ورتي

0
269
لاش ڙي لاش: همراهه يوگا ڪلاس ۾ پوليس سڏائي ورتي
لاش ڙي لاش: همراهه يوگا ڪلاس ۾ پوليس سڏائي ورتي

لنڊن(انٽريسٽنگ نيوز) لنڊن جي لنڪن شائر ڪائونٽي ۾ هڪ شخص يوگا ڪلاس ۾ بلڪل سڌو ستل ماڻهن کي ڏسي غلط فهمي جو شڪار ٿي ويو ۽ انهن ليٽيل ماڻهن کي لاش سمجهي پوليس کي سڏائي ورتو

اهو واقعو لنڪن شائر جي هڪ ڪيفي ۾ پيش آيو جتي ڪيترائي ماڻهو پنهنجي يوگا ڪلاس لاءِ آيا هئا. ماڻهن کي يوگا جي هڪ آسن ۾ زمين تي اکيون پوري بلڪل سڌو ليٽڻو پوندو آهي. انهن ماڻهن کي ڏسي همراهه کي لڳو ته هتي ماڻهو قتل ڪيا ويا آهن

هن تڪڙ ۾ پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس بروقت ڪيفي پهتي. پوءِ خبر پئي ته اهي ماڻهو يوگا ڪلاس ۾ آسن ڪري رهيا هئا. يوگا ٽيچر ٻڌايو ته ان آسن سان ذهن ۽ جسم پرسڪون ٿيندو آهي